اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) سيڙپڪاري، نجڪاري ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته نجڪاري، سيڙپڪاري ۽ مواصلات جي شعبن ۾ مربوط قدمن ذريعي اڳيان وڌڻ چاهي??ن ٿا. سيڙپڪاري بورڊ مان جاري پريس رليز موجب وفاقي وزير آذربائيجان ۾ پاڪستاني سفير سان وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس دوران آذربائيجان جي تازي دؤري جي رو??ني ۾ سيڙپڪاريءَ جي مع??مل?? تي غور ويچار ۽ آئنده لائحه عمل تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير، آذربائيجان ۾ پاڪستان جي سفير قاسم محي الدين کان فالو اپ مع??مل?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وڊيو لِنڪ اجلاس ۾ مواصلات ۽ نجڪاري جا وفاقي سيڪريٽري به شريڪ هئا. هن پنهنجي کاتي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. قاسم محي الدين، وفاقي وزير کي مختلف مع??مل?? تي ٿيل اڳڀرائيءَ بابت آگاهه ڪيو. بريفنگ ?? ٻُڌايو ويو ته آذربائيجان جا مختلف سرڪاري ادارا پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ ادارن جي نجڪاري ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته آذربائيجان سان مواصلات جي شعبي ۾ ٻن موٽر ويز، ايم 6 ۽ ايم 9 ۾ سيڙپڪاري تي به غور ڪيو. هن چيو ته ترڪيه ۽ آذربائيجان جي پاڪستان ۾ سفيرن سان جلد ڌار ڌار ملاقاتون ڪندس. هن هدايت ڪئي ته پاڪستاني سفارتخانو ڊسمبر جي جوائنٽ ڪميشن جي اجلاس کان پهرين پنهنجو هوم ورڪ مڪمل ڪري. وفاقي وزير کي آذربائيجان سان سيڙپڪاريءَ لاءِ ”جي ٽو جي“ طريقيڪار تي سيڙپڪاري ۽ ٻه طرفن سرگرمين جي باري ۾ به بريفنگ ڏني وئي. هن چيو ته واپاري مع??مل?? تي سينٽرل ايشيا پاڪستان لاءِ اوڀر يورپ تائين گيٽ وي ثابت ٿي سگهي ٿو. وفاقي وزير چيو ته باڪو، آذربائيجان ۾ هلندڙ مهيني ٿيل ڪوپ-29 ۾ پاڪستان جي نمائندگي نمايان رهي.
نجڪاري، سيڙپڪاري ۽ مواصلات جي شعبن ۾ مربوط قدمن ذريعي اڳيان وڌڻ چاهيون ٿا: عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال