گڏيل قومون – 04 اپريل (اي پي پي) اتر ڪوريا گڏيل قومن جي س??امتي ڪونسل ۾ پيانگ يانگ خلاف آمريڪي ٺ??راءُ جي مسودي کي روڪڻ لاءِ ويٽو پاور جو استعمال ڪرڻ تي روس جو ٿورو مڃيو آهي. روسي خابرو اداري تاس مطابق گڏيل قومن ۾ اتر ڪوريا جي مستقل نمائندي ڪم سونگ صحافين کي ٻڌايو ته آمريڪي ٺ??راءُ جي مسودي ۾ اتر ڪوريا تي ٺ??راءُ 1718 مطابق لاڳو ڪيل پابندين جي ڪميٽي جي س??ڪار ڪندڙ ماهرن جي پينل جي مينڊيٽ ۾ توسيع تي زور ڏنو ويو. هن چيو ته روس طرفان ويٽو پاور جو استعمال ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته اتر ڪوريا ڪڏهن به پيانگ يانگ تي س??امتي ڪونسل طرفان لاڳو پابندين يا پابندين واري ڪميٽي جي سرگرمين کي تسليم ناهي ڪيو. گذريل هفتي روس گڏيل قومن جي س??امتي ڪونسل ۾ پنهنجو ويٽو پاور استعمال ڪيو ۽ اتر ڪوريا تي پابندين بابت هڪ ماهر پينل مينڊيٽ ۾ 30 اپريل 2025 تائين توسيع لاءِ آمريڪا طرفان پيش ڪيل هڪ ٺهراءُ جي مسودي کي روڪي ڇڏيو. سلامتي ڪونسل جي 15 مان 13 ميمبرن ٺهراءُ جي مسودي جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو جڏهن ??ه چين ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو.
اتر ڪوريا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پابندين بابت آمريڪي ٺهراءُ جي مسودي کي ويٽو ڪرڻ تي روس جو ٿورو مڃيو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر