واشنگٽن-12 اپريل (اي پي پي)آمريڪا ج?? صدر جوبائيڊن اسرائيلي وزيراعظم جي غز?? پاليسي کي هڪ غلطي قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ??ه اسرائيل جنگ بندي طرف پنهنجو قدم وڌائي. آم??يڪي هسپانوي زبان جي ٽي وي نيٽڪ کي ڏنل انٽرويو ۾ صدر جوبائيڊن چيو ته وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو جي غز?? پاليسي هڪ غلطي هئي ۽ هن اسرائيل تي زور ڀريو ته هو جنگ بندي جو مطالبو ڪري. نيتن ياهو جي جنگ کي منهن ڏيڻ جي باري ۾ پڇيل سوال جي جواب ۾ جوبائيڊن چيو ته منهنجي خيال ۾ هو جيڪو ڪجهه ??ري رهيو آهي ??هو هڪ غلطي آهي، مان ان جي موقف سان متفق ناهيان. بائيڊن ان ڳالهه ??ي ورجايو ته گذريل هفتي هڪ اسرائيلي ڊرون حملو جنهن ۾ غز?? جي هڪ آم??يڪي خيراتي اداري ورلڊ سينٽرل ڪچن جا 7 امدادي ڪارڪنن مارجي ويا هئا، اهو اسرائيل جو چڙ ڏياريندڙ قدم هو، هن چيو ته تنهن ڪري مان جنهن شيءَ جو مطالبو ڪري رهيو آهيان اهو هي ??هي ??ه اسرائيل سان صرف جنگ بندي جو مطالبو ڪريان، ايندڙ 6 کان 8 هفتن تائين ملڪ ۾ ويندڙ سموري خوراڪ ۽ دوائن تائين مڪمل رسائي جي اجازت ڏي. آم??يڪ?? صدر تباهه ٿيل غز?? ۾ وڌيڪ امداد ڏيڻ لاءِ اسرائيل تي دٻاءُ وڌائيندي چيو ته هن سعودي عرب، اردن ۽ مصر سان ڳالهه ??ئي آهي ۽ اهي ??مدادي خوراڪ کي غز?? اندر منتقل ڪرڻ لاءِ تيار آهن. هن وڌيڪ چيو ته انهن ماڻهن جي طبي ۽ خوراڪ جي ضرورتن کي پورو نه ڪرڻ جو ڪو به جواز ناهي. بائيڊن جي انٽرويو اسرائيل طرفان غز?? ۾ ورلڊ سينٽرل ڪچن جي امدادي ڪارڪنن جي مارجڻ کانپوءِ ان جي اسرائيل جي پاليسي ۾ ڊرامائي تبديلي جي نشاندهي ڪئي آهي ??نهن عالم ڏک ۽ ڪاوڙ کي جنم ڏنو.
اسرائيلي وزيراعظم جي غزه پاليسي هڪ غلطي، مان ان جي موقف سان متفق ناهيان: جوبائيڊن
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج