نڙهه – ڪهوٽا – 04 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ اقتصادي ۽ دفاعي ميدان ۾ ترقي مسلم ليگ (ن) جي دور ?? ئي ٿي آهي، پڳڙي??ن اڇلائيندڙ، لاڳيتو ڪوڙ ڳالهائيند?? ۽ ??ڻوڻندڙ زبان ا??تع??ال ڪندڙ ڪڏهن پاڪستاني عوام جو ليڊر نه ٿو ٿي سگهي، پاڪستان ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن آهي، مخالفن کي ترقي هضم نه ٿي رهي آهي ۽ هو ان جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نڙهه، ڪهوٽا ۾ هڪ وڏي عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. جلسي کي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي چيئرمين راجا ظفرالحق، پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي وفاقي وزير شاهد خاقان ع??اسي ۽ صوبائي وزير راجا اشفاق سرور پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم تعلقي هيڊڪوارٽر اسپتال کي جديد بڻائڻ، 12 اسڪولن کي هايئر سيڪنڊري اسڪول جو درجو ڏيڻ، ڇوڪرين جي لاءِ ڪاليج قائم ڪرڻ، ڪهوٽا ۽ ڪلرسيدان ۾ 100 ڪلوميٽر رستن جي تعمير جي لاءِ فنڊن جي فراهمي جو اعلان ڪيو.
پاڪستان ۾ ترقي مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ئي ٿي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس