تربت – 14 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز ش??يف عوام جي خدمت ۽ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي کي اقتدار تائين پهچڻ جو واحد رستو قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۽ قوم جي ترقي جي لاءِ سنجيده قيادت جي ضر??رت هوندي آهي، ڪجهه ماڻهو نوجوانن ۾ بيچيني پيدا ڪري اقتدار تائين پهچڻ جي ڪو??ش ڪري رهيا آهن اهڙا ماڻهو نه رڳو پنهنجو چهرو پر معاشري کي به گندو ڪرڻ جي ڪو??ش ڪن ٿا جن جو ڪم ڪچرو اڇلائڻ هجي اهي قوم جي تعمير نه ٿا ڪري سگهن. 448 ڪلوميٽر ڊگهي اين 85 سوراب هوشاب رستي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير نواب ثناءُ الله خان زهري، بلوچستان جو گورنر محمد خان اچڪزئي، ترقي ۽ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، سيفران وارو وفاقي وزير ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ، سينيٽر حاصل بزنجو کانسواءِ ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ عامر رياض، ڊي جي ايف ڊبليو او ليفٽيننٽ جنرل محمد اف??ل پڻ موجود هئا.
عوام جي خدمت اقتدار تائين پهچڻ جو واحد رستو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea