اسلام آباد – 15 اپريل (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام جي معاشي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکي حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي، احساس ڪيش ايمرجنسي پروگرام سمورين سياس?? وابستگين کان مٿانهون ٿي انتهائي شفافيت ۽ ميرٽ جي بنياد تي هلائي رهيا آهيون، ڪورونا رليف ٽائيگر فورس ۾ شموليت جي حوالي سان نوجوانن جو جذبو ساراهه جوڳو آهي، سياسي قيادت سرند?? وارن کي متحرڪ ڪرڻ ۽ هر مستحق تائين پهچڻ ۾ ڪردار ادا ??ري. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي آءِ جي مرڪزي نائب صدر ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي پارلياماني ليڊر حليم عادل شيخ سان ملاقات دوران ڪيو. حليم عادل شيخ وزيراعظم کي ڪورونا جي ڏس ۾ سنڌ صوبي جي مجموعي صورتحال ۽ عوام کي در??يش مسئلن کان آگاهه ڪيو.
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste