اسلام آباد – پهرين جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته و??اق?? ڪابينا ڪوهالا هائيڊرو پاور پراجيڪٽ سميت ٽن منصوبن جي منظوري ڏني، وزيراعظم صوبائي فنانس ڪميشن کي فعال بڻائڻ جي هدايت ??ئي ۽ ان سان پوري صوبي ۾ منظم طريقي ۽ سياسي فرق کانسواءِ ڪم ٿيندا، جن پائليٽس جا لائيسنس مشڪوڪ هئا، انهن کي برطرف ڪيو ويو آهي، اسان جا پائليٽس جيڪي جهاز اڏائي رهيا آهن انهن جون ڊگريون سئو سيڪڙو ڪليئر آهن، جعلي ڊگريون رکندڙ پائليٽس جي خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ٿيندي، مخالف ڌر کي خبر آهي ته جيڪڏهن عمران خان انهن جي رستي تان هٽي وڃي ته انهن جي ماضي جي ڪرپشن جو نه پڇيو ويندو، ماضي ۾ پي آءِ اي، اسٽيل ملز ۾ تمام گهڻيون سياسي ڀرتيون ڪيون ويون، پيپلزپارٽي ادارن ۾ ميرٽ ۽ شفافيت تي يقين نه ٿي رکي، مخالف ڌر عمران خان کي مافياز جي خلاف ڪاررواين تي پنهنجو نشانو بڻائي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن و??اق?? ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. هن چيو ته اجلاس شروع ٿيڻ تي وزيراعظم عمران خان ڪورونا مان صحتياب ٿيڻ تي ريلوي واري و??اق?? وزير شيخ رشيد احمد کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ آڊيٽر جنرل جي رپورٽ تي بحث ٿيو، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ پروسيجرل مسئلن ۽ قاعدن ۽ ضابطن جي بنياد تي آڊٽ پيراز ٺهن ٿا، ماضي ۾ کربين رپين جا آڊٽ پيراز ٺهندا هئا پر اسان جي حڪومت جي دور ۾ ان ۾ 70 کان 80 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، ادارن کي قاعدن ۽ ضابطن موجب ڪم ڪرڻ گهرجي.
وفاقي وزير شبلي فراز جي وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری