اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته تحريڪ انصاف جو فارن فن??نگ ڪيس ۾ دامن صاف آهي، اسان 40 هزار ماڻهن جا تفصيل اليڪشن ڪميشن وٽ جم?? ڪرايا آهن، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي ن??معلوم ماڻهن کان پارٽي فن??نگ جي ن??لي تي پئسا ورتا، ٻئي پارٽيون جواب ڏيڻ کان ڀڄي رهيون آهن، ڀڄڻ نه ڏنو ويندو، کين ضرور جواب ڏيڻو پوندو، چاهيون ٿا ته فارن فن??نگ ڪيس جي ٻڌڻي اوپن ڪئي وڃي ۽ ان جو جلد کان جلد فيص??و ٿئي ته حقيقتون قوم جي سامهون اچن. نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سرعام چيو آهي ته فارن فن??نگ ڪيس جي ٻڌڻي اوپن ٿئي، ان جي بيان کانپوءِ تحريڪ انصاف جي پوزيشن واضح ??هي، تحريڪ انصاف واحد سياسي پارٽي آهي جنهن اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي پاران گهريل سمورا دستاويز پيش ڪيا، شبلي فراز چيو ته تحريڪ انصاف ۾ ڪا به مافيا نه آهي، تحريڪ انصاف ورڪرن ۽ ميمبرن کان چندو وٺي پارٽي معاملا هلائڻ جو ڪلچر متعارف ڪرايو آهي، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي ن??معلوم ماڻهن کان پئسا ورتا، مافيا انهن ماڻهن کي چونڊ وڙهڻ لاءِ فن??نگ ڪندي آهي ۽ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ اهي ماڻهو کين نوازيندا آهن.
تحريڪ انصاف جو فارن فنڊنگ ڪيس ۾ دامن صاف آهي: سينيٽر شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo