??سل??م آباد – 06 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار جي آزادي جي راءِ تي مڪمل يقين رکي ٿي، صحافت ۾ ڪ??رٽ رپورٽر جو ڪردار تمام اهم آهي، ڪ??رٽ رپورٽرز ٽيڪينڪل فيلڊ آهي، وڪيلن وانگر صحافين کي به قانون کان آگاهي رکڻي پوندي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير چوڌري فواد حسين ??سل??م آباد هاءِ ڪ??رٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪباد ڏيندي ڪيو. هن چيو ته غير جانبداراڻي صحافت سان ئي معاشرو صحيح رخ ۾ هلي سگهي ٿو، حڪومت فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ ??وش??ون ڪري رهي آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير چيو ته سڀ??ي صحافين کي ايندڙ ڏينهن ۾ حڪومت پاران صحت ڪارڊ جي فراهمي يقيني بڻائي و??ندي، ان موقعي تي چوڌري فواد حسين ايڪسپريس نيوز جي ثاقب بشير کي صدر، نيو نيوز جي ذيشان سيد کي جنرل سيڪريٽري، سينئر نائب صدر رضوان قاضي، انڊپينڊنٽ اردو سان لاڳاپيل مونا خان کي نائب صدر ۽ حسين احمد کي فنانس سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني.
تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار جي آزادي جي راءِ تي مڪمل يقين رکي ٿي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔