اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي انساني وسيلن کي بلاڪ، چين ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت،سائبر سيڪيورٽي ۽ بگ ڊيٽا جهڙين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي شعبي ۾ ترقي ۽ تربيت ڏيڻ تي زور ڏنو آهي ته جيئن چوٿين صنعتي انقلاب جي ضرورتن کي پورو ڪيو وڃي، صدر ??هڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ بلاڪ چين ماهرن جي هڪ عالمي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. جنهن جي قيادت بي ايس وي بلاڪ چين ايسوسيئيشن جي باني صدر ??يمس نيگوين ڪري رهيو هو. صدر ??لاڪ چين ٽيڪنالاجي جي اهميت ۽ فائدي جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن سرڪاري ۽ نجي شعبا ان مان فائدو وٺي سگهن، وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته بلاڪ چين ٽيڪنالاجي ڏيڻ وٺڻ کي ٽريڪ ڪرڻ، بدعنواني کي گهٽ ڪرڻ ۽ سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ شفافيت وڌائڻ جو هڪ طاقتور ذريعو ٺهي سگهي ٿي، هن وڌيڪ چيو ته بلاڪ چين ٽيڪنالاجي جي صلاحيتن کان پوري طرح فائدي وٺڻ سان گڏوگڏ پا??ست??ن ۾ ان جي لاڳو کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ جامع نقطه نظر جي ضرورت آهي، صدر پا??ست??ن جي ٽيڪنالاجي ٽيلينٽ جي خدمتن کي ساراهيو. جنهن دنيا جي ڪجهه وڏي ڪمپنين کي ٽيڪينڪي سهولت فراهم ڪري پنهنجي شناخ?? ٺاهي آهي، هن ان حقيقت کي اجاگر ڪيو ته گذريل سال دوران پا??ست??ني اسٽارٽ اپ آءِ ٽي جي شعبي ۾ قابل قدر ??المي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهيون، ان موقعي تي جميز نيگوين معيشت جي مختلف شعبن جهڙوڪ بئ??ڪنگ، فنٽيڪ، ڊجيٽل ايڊورٽائيزنگ، هيلٿ ڪيئر، بگ ڊيٽا، ماحوليات ۽ گورننس ۾ بلاڪ چين ٽيڪنالاجي جي امڪانن ۽ استعمال جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن ميٽنگ کي پا??ست??ن ۾ بي ايس وي بلاڪ چين پاران کنيل ڪيترن ئي قدمن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو.
چوٿين صنعتي انقلاب جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ نين ٽيڪنالاجيز ۾ مهارت حاصل ڪرڻي پوندي: صدر
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa