اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) سميت مخالف ڌر جي پارٽين تي زور ڏنو آهي ته هو ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام لاءِ پيش ڪيل آئيني تر??يمي بل جي حمايت ڪن، صوبي جي قيام لاءِ اسان ٻين پارٽين وانگر لڙڪ ناهن هاريا، عملي قدم ک??ي ڏيکاريا آهن، وزيراعظم جي خلاف مخالف ڌر جي بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، شاهه محمود قريشي چيو ته هن وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي آئيني تر??يمي بل کي پيش ڪيو آهي، وزيراعظم ان بل جو جائزو وٺي ان جي منظوري ڏني جنهن کانپوءِ سرڪيوليشن جي ذريعي ڪابينا ميمبرن کان ان جي منظوري ورتي وئي، ڏکڻ پنجاب صوبي جو قيام پاڪستان تحريڪ انصاف جي چونڊ منشور جو حصو آهي، هن چيو ته 28 مارچ تي قومي اسيمبلي جي ايجنڊا تي ڏکڻ پنجاب صوبي جو آئيني تر??يمي بل آندو پيو وڃي اهو ڏکڻ پنجاب جي ٽي چار ڪروڙ ماڻهن لاءِ خوش آئنده اڳڀرائي آهي، موجوده حڪومت ڏکڻ پنجاب صوبي لاءِ قاعدا ۽ ضابطا جوڙيا آهن، ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ بڻايو ۽ ان لاءِ فنڊز مختص ڪيا، ملتان ۽ بهاولپور ۾ سيڪريٽريٽس ۾ مختلف آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو آهي، هن چيو ته اڄ اسان ڏکڻ پنجاب جي عوام سان ڪيل هڪ ٻيو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن سميت مخالف ڌر جي پارٽين تي زور ڏنو آهي ته هو ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام لاءِ پيش ڪيل آئيني تر??يمي بل جي حمايت ڪن. يوسف رضا گيلاني کي جيڪڏهن صوبو گهرجي ته هو اسان جي بل کي ووٽ ڏي، جيڪڏهن هو مخلص آهي ته مانگر مڇ جا ڳوڙها واهڻ بدران سنجيدگي سان ان تر??يم تي اسان جو ساٿ ڏي. توهاڻ وزيراعظم جي حيثيت سان ڏکڻ پنجاب جي عوام کي لولي پاپ ڏنو، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف پهرين حڪومت آهي جنهن ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام لاءِ سنجيده ڪوششون ڪيون آهن، هن چيو ته ملڪي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو آهي ته ڏکڻ پنجاب لاءِ ڌار ساليانو تر??ياتي پروگرام پيش ڪيو ويو آهي، پيپلزپارٽي دعويٰ ڪري ٿي ته هو ان صوبي جي حق ۾ آهي، حڪومت ۽ ان جون اتحادي پارٽيون ان تر??يم جي حق ۾ آهن، پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن ان جي حمايت ڪن، هن چيو ته اهو مقامي ماڻهن جو پراڻو مطالبو آهي ۽ ان سان وفاق وڌيڪ مضبوط ٿيندو، ڏکڻ پنجاب جي عوام کي اپيل آهي ته هو پنهنجي قومي اسيمبلي ميمبرن کي درخواست ڪن ته هو ان جي ٻارن جي مستقبل لاءِ ان جو ساٿ ڏين، ڏکڻ پنجاب جا شهر??، عورتون ۽ دانشور ان بل جي حمايت لاءِ آگاهي پيدا ڪن. هن چيو ته ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام ۾ دير ناهي ڪئي، مخالف ڌر اڳواڻ بل پڙهڻ کانسواءِ ان کي دوکو قرار ڏنو ۽ ان جي خلاف بي ب??يا?? تنقيد ڪئي، اهو بل اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ ويندو، اتي هي پنهنجون تجويزون ڏئي سگهن ٿا، اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ اتفاق راءِ کانپوءِ ان کي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو. اسان حڪومت ۾ هجون يا نه هجون ان بل جي حمايت ڪنداسين، پهرين اهي چوندا هئا ته ووٽ کي عزت ڏيو، هاڻي انهن جو اهو نعرو آهي ته ووٽ کي نوٽ ڏيو، هڪ سوال جي جواب هن چيو ته وزيراعظم جي خلاف مخالف ڌر جي بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيندي. هن چيو ته اسان ان جي رٿ جو جمهوري، آئيني ۽ سياسي انداز ۾ مقابلو ڪنداسين.
پ پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) سميت مخالف ڌر جون پارٽيون ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام لاءِ پيش ڪيل آئيني ترميمي بل جي حمايت ڪن: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی