اسلام آباد – 06 ̵1; ج??لاءِ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ توانائي کان وٺي بنيادي ڍانچي جي هر منصوبي ۾ دير جو وڏو نقصان ٿيو، ان مجرماڻي غفلت تي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، بلوچستان جي پسماندگي کي خوشحالي ۾ بدلائڻ اسان جي گڏيل ذميواري ۽ منهنجو مشن آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزي??اع??م چيو ته اڄ ه?? اجلاس دوران مون گوادر بريڪ واٽر پراجيڪٽ ۾ مجرماڻي غفلت تي جاچ جو حڪم ڏنو آهي. هن چيو ته ان تي سخت پريشاني ٿيندي آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت 445 ملين ڊالر گرانٽ، 484 ملين ڊالر جي سهولتي قرضن ۽ فزيبلٽي جي موجودگي جي باوجود ان منصوبي کي نظرانداز ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت توانائي کان وٺي بنيادي ڍانچي تائين هر منصوبي ۾ دير ڪئي، جنهن سان قوم کي وڏو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. وزي??اع??م محمد شهباز شريف وڌيڪ چيو ته هاڻي پريزنٽيشنز جو وقت ختم ٿي چڪو آهي ۽ ايڪشن جو وقت شروع ٿي ويو آهي. هن چيو ته گوادر سي پيڪ جو حصو هجڻ سبب نه رڳو بنيادي ڍانچي جي ترقي جي حوالي سان اهم آهي پر ان جي سياسي، اقتصادي اهميت به وڌيڪ آهي. هن چيو ته بلوچستان جي پسماندگي کي خوشحالي ۾ بدلائڻ اسان جي گڏيل ذميواري ۽ منهنجو مشن آهي.
پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ توانائي کان وٺي بنيادي ڍانچي جي هر منصوبي ۾ دير جو وڏو نقصان ٿيو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais