اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر طلحيٰ منان جي گهر وئي ۽ ان جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي گهرڀاتين سان ڳالهائيندي هن چيو ته شهيد اسان جي قوم جو فخر آهن، اهي حق جي راهه جا شهيد آهن، انهن جون قربانيون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون. هن چيو ته پوري قوم شهيد طلحيٰ منان جهڙن جوانن کي جنم ڏيندڙ مائرن ۽ عزم ۽ استقام?? جي پيڪر والدين تي فخر ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪ فوج جو هر آفيسر ۽ جوان مل?? جي خدمت سان سد??ئين سرشار رهيو آهي. شهيد طلحيٰ منان جي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ قرباني کي سد??ئين ياد رکيو ويندو. اطلاعات و??ري وفاقي وزير شهيد طلحيٰ منان جي والده سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ شهيد طلحيٰ منان کي ان جي عظيم قرباني تي خراج عقيدت پيش ڪيو.
وفاقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ شهيد ٿيندڙ ميجر طلحيٰ منان جي گهر وئي، ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس