اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڊيجيٽل ڪارپوريشن آرگنائيزيشن جي سيڪريٽري جنرل دماح اليحييٰ جي وچ ۾ وڊيو لنڪ ذريعي رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ پاڪستان سميت سمورن ميمبر ملڪن ۾ ڊيجيٽل اڪانومي ۾ ٺوس ترقي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڊيجيٽل ڪارپوريشن آرگنائيزيشن جي سيڪريٽري جنرل دماح اليحييٰ پاڪستان قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي پرڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته سفارتي ميدان ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي متاثر ڪندڙ آهي. ان موقعي تي پرڏي??ي وزير چيو ته پاڪستان ڊيجيٽل ڪارپوريشن آرگنائيزيشن جي باني ميمبر ??ور پنهنجون ذميوارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڊيجيٽل ڪارپوريشن آرگنائيزيشن ۾ نوجوانن جي لاءِ ڊيجيٽل تعليم جي شعبي ۾ معاونت ڪري، پاڪستان بدلجندڙ دنيا سان گڏ قدم کا?? قدم ملائي هلڻ لاءِ تيار آهي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڊيجيٽل ڪارپوريشن آرگنائيزيشن جي سيڪريٽري جنرل دماح اليحييٰ جي وچ ۾ وڊيو لنڪ ذريعي رابطو
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن