اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان کي تڪبر ۽ خودپسندي جو ذهني مريض هجڻ سبب خطرناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته عمران خان کي ڪنهن اداري، ا?? جي سربراهه يا جج کي گاريون ڏيڻ ۾ ڪو شرم نه آهي، عدالتن کي خبر هجڻ گهرجي ته عمران خان کي نه ندامت آهي ۽ نه ئي شرمندگي، بزدل، انا پرست، خوش پسندي ۽ تڪبر ۾ ٻڏل شخص خطرناڪ ئي هوندو آهي، هو هڪ نڪ نرڄو، فسادي ۽ بي شرم انسان آهي، جيڪو کلي ڪوڙ ڳالهائي ٿو، ٻوڏ تي سياست ڪري ٿو، قوم ۽ ميڊيا کي اپيل آهي ته خود پسند، انا پرس?? ماڻهو بدران ٻوڏ متاثرين طرف ڌيان ڏين. پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته متاثرين هن وقت ٻوڏ جي تڪليف ۾ آهن، انهن پاڪستاني رهواسي?? جي مدد تي ئي قوم ۽ ميڊيا پنهنجو ڌيان ڏي. هن چيو ته عمران خان ٻوڏ متاثري?? جي جذبن سان کيڏي انتشار پکيڙڻ چاهي ٿو، اهو بيمار ذهنيت وارو شخص ٻوڏ متاثري?? جي اٽي تي به سياست ڪري ٿو، هي پ??هنجي گهٽيا سياست جي لاءِ ٻوڏ متاثري?? جي امداد روڪرائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته اها بيمار ذهنيت آهي جيڪو سمجهي ٿو ته آئون وزيراعظم نه آهيان ان لاءِ ٻوڏ متاثري?? جي مدد نه ڪندس، ڪڏهن آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي روڪرائي ٿو، ڪڏهن ٻوڏ متاثري?? جي امداد روڪرائڻ جي گهٽيا ڪوشش ڪري ٿو، هي اهو ئي ذهني بيمار آهي جيڪو پنهنجي سياست جي لاءِ شهيد?? جي خلاف سوشل ميڊيا تي زهريلي مهم هلائي ٿو.
عمران خان تڪبر ۽ خودپسندي جو ذهني مريض هجڻ سبب خطرناڪ آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن