اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??اڪ??تان ۽ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي مضبوط کان مضبوط تر بڻائڻ جا خواهشمند آهيون، ??اڪ??تان ۽ يو اي اي جي وچ ۾ واپاري، اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم ??اڪ??تان جي سمورن لاڳاپيل ادارن جي مڪمل تياري س??ن يو اي اي جي دوري تي وڃي ر??يو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ٻن ڏينهن جي يو اي اي جي دوري جي حوالي س??ن جائزه ا??لا?? جي صدارت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ??اڪ??تان ۽ گڏيل عرب امارات جي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ چاهيون ٿا. ان سلسلي ۾ وسيع موقعا موجود آهن جن جو ٻنهي ملڪن کي ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي دعوت تي سڀاڻي خميس کان ٻن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ر??يو آهي. دوري دوران ٻطرفي گڏيل معاشي ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ لاءِ وزيراعظم اماراتي اڳواڻن، واپارين ۽ سيڙپڪارن سان ملاقاتون ڪندو.
يو اي اي سان لاڳاپن کي مضبوط کان مضبوط تر بڻائڻ جا خواهشمند آهيون: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ