اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته چين، پاڪستان ۽ افغانستان اسلام آباد ۾ تازي ٽي ڌريي پرڏيهي و??يرن واري ڊائيلاگ ۾ ٽه ڌريي فريم ورڪ تحت سياسي رابطن ۾ اڳڀرائي، دهشتگردي جي خاتمي بابت تعاون ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ ڪنيڪٽويٽي ۾ ??ضا??ي تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڌرين ڳالهه ٻولهه ۾ ٽي ٽي پي ۽ اي ٽي آءِ ايم سميت ڪنهن به شخص، گروهه يا پارٽي کي پنهنجي علائقن کي دهشتگرد سرگرمين ۽ ڪاررواين جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ سميت علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سنگين خطرو بڻجندڙ سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ??ي ضرورت تي زور ڏنو. ترجمان چيو ته چين جي اسٽيٽ ڪائونسلر ۽ پرڏيهي و??ير ڪين گينگ پاڪستان جي دوري دوران پاڪستاني پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي چوٿين دور جي گڏيل صدارت ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. ترجمان چيو ته ڌرين پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي توثيق ڪئي، گهڻ رخي تعاون جي لاءِ روڊ ميپ تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ اڀرندڙ علائقائي ۽ عالمي منظرنامي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترجمان چيو ته ٻنهي پرڏيهي و??يرن هڪ ٻئي جي بنيادي قومي مفادن سان لاڳاپيل معاملن تي پائيدار حمايت جو ورجاءُ ڪيو. 2023ع ۾ سي پيڪ جو هڪ ڏهاڪو مڪمل ٿيڻ جي آجيان ڪندي ٻنهي ڌرين سي پيڪ جي اعليٰ معيار جي ترقي جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته وقتي افغان پرڏيهي مولوي امير خان متقي جي قيادت ۾ افغانستان جي وفد پڻ پاڪستان جو دورو ڪيو. ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي ڌرين سياسي، اقتصادي، واپاري رابطن، تعليم، امن ۽ سلامتي سميت دهشتگردي جي خاتمي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري ايس سي او جي ڀارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان جي ويزن کي اجاگر ڪيو. ممتاز زهره بلوچ چيو ته پرڏيهي و??ير اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪطرفا ۽ غيرقانوني قدم عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي مقصدن جي منافي آهن. پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري ڀارت جي شهر گووا ۾ ايس سي او جي پرڏيهي و??يرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. اجلاس جي ايجنڊا ۾ علائقائي سلامتي، اقتصادي تعاون ۽ رابطن جي مسئلن سان گڏوگڏ عالمي اقتصادي ۽ سياسي اڳڀرائي تي شنگهائي تعاون تنظيم جي موقف تي ڳالهه ٻولهه شامل هئي. ترجمان چيو ته پرڏيهي و??ير شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪيو ۽ خطي ۾ موثر ٽرانسپورٽ ڪوريڊورز ۽ ڀروسي جوڳي سپلائي چينز جي تعمير جي تجويز ڏني، ان سان گڏ هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سي پيڪ علائقائي رابطن جي لاءِ هڪ قوت ثابت ٿي سگهي ٿو. ترجمان چيو ته پرڏيهي و??ير دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ ٺوس ۽ گڏيل موقف تي زور ڏنو ۽ چيو ته سفارتي پوائنٽ اسڪورنگ جي لاءِ دهشتگردي کي هٿيار نه بڻائڻ گهرجي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پرڏيهي و??ير ايس سي او جي اجلاس جي موقعي تي چين، روس، قزاخستان، ازبڪستان، تاجڪستان ۽ ڪرغزستان جي پنهنجي هم منصبن ۽ سنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته پرڏيهي و??يرن جي اجلاس پاڪستان کي شنگهائي تعاون تنظيم سان پنهنجي و??بستگي جو مظاهرو ڪرڻ ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ويزن پيش ڪرڻ جو اهم موقعو فراهم ڪ??و. ??رجمان چيو ته 2017ع ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جو ميمبر بڻجڻ کانپوءِ پاڪستان ايس سي او جي سمورين سرگرمين ۾ فعال ۽ تعميري طور تي حصو ورتو آهي ۽ هن شنگهائي تعاون تنظيم جي گهڻ رخي شعباجاتي ايجنڊا جي پيروي ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو آهي. ٻئي طرف پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان والاريل علائقي ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي و??لاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو سلسلو جاري آهي، تازن ڏينهن ۾ ڀارتي قابض فورسز راجوري، ڪپواڙه ۽ بارهمولا ??ي ض??عن ۾ 6 ڪشميري نوجوانن کي قتل ڪيو جڏهن ته راجوري ۽ پونڇ ض??عن ۾ محاصري ۽ تلاشي جون ڪارروايون جاري رکيون، ان دوران مقامي آبادي کي هراسان ڪيو و??و. ??رجمان چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ??ي ضلعي پلواما ۾ ڀارت جي نيشنل انويسٽيگيشن ايجنسي (اين آئي اي) آزادي جي حامي ڪارڪن فياض احمد ماگري جا 6 دڪان ضبط ڪري و??تا آهن. هن ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته انساني حقن جون اهي خلاف ورزيون ختم ٿيڻ گهرجن. ترجمان چيو ته ايٿوپيا جو پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي و??ير مسگانو آريگا پاڪستان جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد ۾ آهي، دوري دوران پاڪستان ۽ ايٿوپيا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، واپار ۽ تعاون تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي ٻطرفن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا. هن چيو ته ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي و??ير جي دوري جي موقعي تي ڪراچي ۽ اديس ابابا جي وچ ۾ ايٿوپين ايئرلائينز جي پهرين سڌوسنئون اڏام جي پڻ شروعات ڪئي و??ي آهي.
چين، پاڪستان ۽ افغانستان اسلام آباد ۾ تازي ٽي ڌريي پرڏيهي وزيرن واري ڊائيلاگ ۾ ٽه ڌريي فريم ورڪ تحت سياسي رابطن ۾ اڳڀرائي، دهشتگردي جي خاتمي بابت تعاون ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ ڪنيڪٽويٽي ۾ اضافي تي اتفاق ڪيو آهي: پرڏيهي آفيس ترجمان
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی