ڪراچي – 26 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 9 مئي واقعن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو 25 مئي 2022ع تي اسلام آباد تي چڙهائي جهڙن واقعن جو تسلسل آهي، جمهوري قدرن جي پاسداري سان گڏوگڏ رياست پاڪستان جي رٽ قائم رکڻ لازمي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي جي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزي??اع??م شهباز شريف تقريب جو خاص مهمان هو جڏهن ته سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري، اسيمبلي ميمبر، وفاقي ۽ صوبائي ڪابينا جا ميمبر پڻ موج??د هئا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ سميت پوري ملڪ جي عوام جون وزي??اع??م شهباز شريف مان اميدون آهن، اسان سڀ گڏجي پاڪستان کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ چاهيون ٿا. هن ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ وزي??اع??م جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ڪراچي ملڪ جي معيشت جو حب آهي ان تي ڌيان ڏنو وڃي ته اسان قوم کي پنهنجي پيرن تي بيهاري سگهون ٿا. بلاول ڀٽو زرداري وزي??اع??م کي مخاطب ڪندي چيو ته ڪراچي کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ شهباز اسپيڊ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڻي جي ضرورت جي ڏس ۾ اسان کي مستقبل ۾ ڊي سيلينائيزيشن جو نظام آڻڻو پوندو ان سلسلي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ڪارائتي ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته اڄ وف??ق، صوبا ۽ بلدياتي نظام سميت سڀ هڪ صفحي تي آهن جنهن سان وڏن عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ جي راهه هموار ٿي سگهي ٿي. پرڏيهي وزير گذريل سال جي تاريخي ٻوڏ ۽ ان سان ٿيندڙ نقصانن کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ چيو ته متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ماڻهو اڃا به تڪليفن ۽ مسئلن جو شڪار آهن، ٻار تباهه حال اسڪولن يا کليل آسمان هيٺ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن، انهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. پرڏيهي وزير تعميرات جي منصوبن ۾ وفاقي حڪومت پاران تعاون جي رفتار تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته ز??اع?? جي ترقي سان پورو ملڪ فائدو کڻندو، ان شعبي جي ترقي ۽ آبادگارن کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير 9 مئي جي افسوسناڪ واقعن جو حوالو ڏيندي چيو ته جمهوري قدرن جي پاسداري ڪندي رياست پاڪستان جي رٽ قائم رکن لازمي آهي. هن چيو ته هي سانحو 25 مئي تي وفاقي گادي واري شهر تي ڪئي ويندڙ چڙهائي جهڙن واقعن جو تسلسل آهي. اسان سياسي انتقام جو تاثر نه پئي ڏيڻ چاهيو. هن چيو ته آئون سوچان ٿو ته 9 مئي واري سازش نائن زيرو، بلاول هائوس يا رائيونڊ تان ٿئي ها ته ان جو ردعمل ڪهڙو هجي ها.
9 مئي جا واقعا 25 مئي 2022ع تي اسلام آباد تي چڙهائي جهڙن واقعن جو تسلسل آهي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت