اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي ا??ضمام ٿيل ضلعن جي لاءِ ٺوس ترقياتي پئڪيج تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها هدايت قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر شاهه گل آفريدي جي قيادت ۾ انضمام ٿيل ضلعن جي سياسي اڳواڻن جي 7 رڪني وفد سان مل??قات دوران ڪئي. مل??قات ۾ پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، وزيراعظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مقام ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وفد مسلم ليگ (ن) جي ا??ضمام ٿيل ضلعن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ فاٽا جي خيبرپختونخواهه ۾ انضمام جي حڪمت عملي پيش ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو جنهن کانپوءِ فاٽا جو قانونسازي جي ذريعي ا??ضمام ممڪن ٿي سگهيو. وفد وزيراعظم کي ٻڌايو ته گذريل حڪومت جي چار سالن ۾ انضمام ٿيل ضلعن جي ترقي کي نظرانداز ڪيو ويو جنهن جي ڪري جيڪا منصوبابندي مسلم ليگ (ن) جي قيادت انهن ضلعن جي حوالي س??ن ٺاهي هئي ا?? تي عملدرآمد نه ڪيو ويو. وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي يقين ڏياريو ته موجوده حڪومت ۽ خاص طور تي وزيراعظم پاڻ انضمام ٿيل ضلعن جي ترقي ۽ خو??حالي کي قومي ترجيح جو درجو ڏي ٿو. وفد وزيراعظم کي لاڳاپيل تڪن جي مسئلن کان آ??اهه ڪندي پشاور ۾ پاڻي جي شديد مسئلي بابت آگاهه ڪيو. وفد پاڙيسري ملڪ افغانستان سان واڳيل سرحدي علائقن ۾ واپار جي فروغ لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ان حوالي س??ن اهڙن قدمن جي خاطري ڪرائي جنهن سان سرحد جي ٻنهي طرفن جي علائقن جي ماڻهن جي زندگي ۾ گڏيل واپار سان بهتري ا??ندي. وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي ا?? حوالي س??ن ٺوس حڪمت عملي تي عملدرآمد جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ضم ٿيل ضلعن جي لاءِ خصوصي ترقياتي پئڪيج جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
خيبرپختونخواهه جي انضمام ٿيل ضلعن جي لاءِ ٺوس ترقياتي پئڪيج تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل