اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف چيو آهي ته تاپي ??ئس پائيپ لائين من??وبو توانائي جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ تذويراتي تعاون جو مظهر آهي، اهو من??وبو نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي ۾ مع??شي ترقي ۽ خوشحالي آڻيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف سان ترڪمانستان جي اعليٰ سطحي وفد مملڪتي وزير ۽ ترڪمن ??ئس جي چيئرمين ڪمسات بائيف جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي. دورو ڪندڙ ترڪمانستان جي وفد ۾ توانائي جي نائب وزير اناجيلدي سپاروف، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ بي او ڊي جي چيئرمين، ٽي پي سي ايل ??حم?? ميرات امانوف کانسواءِ پاڪستان ۾ ترڪمانستان جو سفير عطا جان مولاموف پڻ شامل هئا. وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ مذهب تي ٻڌل ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهش رکي ٿي. هن زور ڏنو ته پاڪستان ترڪمانستان جي توانائي جي ڀرپور ذخيرن تائين فوري پهچ جو گيٽ وي ثابت ٿي سگهي ٿو. تاپي ??ئس پائيپ لائين من??وبي جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته اهو من??وبو توانائي جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ تذويراتي تعاون جو مظهر آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته تاپي پاڪستان جي توانائي جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اسان جي حڪومتن جي ويزن جو هڪ اهم جز آهي جيڪو نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي ۾ مع??شي ترقي ۽ خوشحالي آڻيندو. هن من??وبي تي جلد عملدرآمد جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سمورين لاڳاپيل ڌرين پاران دستياب سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي ان من??وبي کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو ويندو. من??وبي جي مختلف حصن تي ڪم کي تيز ڪرڻ جي لاءِ، وزيراعظم خاص معاون ڊاڪٽر جهانزيب خان کي پاڪستان پاران فوڪل پرسن نامزد ڪيو هو سينيئر ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو سربراهه پڻ آهي. بعد ۾ وزيراعظم تاپي ??ئس پائيپ لائين گڏيل عملدرآمد من??وبي (جي آئي پي) جي معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. معاهدي تي پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ مملڪتي وزير ۽ ترڪمن ??ئس جي چيئرمين ڪمسات بابائيف صحيحون ڪيون. جي آئي پي جو مقصد تاپي ??ئس پائيپ لائين من??وبي تي ڪم کي تيز ڪرڻ آهي. تاپي پائيپ لائين من??وبي جومقصد 1814 ڪلوميٽر ڊگهي پائيپ لائين جي ذريعي ترڪمانستان سان قدرتي ??ئس کي افغانستان، پاڪستان ۽ ڀارت تائين پهچائڻ آهي جنهن ۾ ساليانو 33 بلين ڪيوبڪ ميٽر قدرتي ??ئس جي چرپر جي گنجائش آهي. فعال ٿيڻ کانپوءِ تاپي من??وبو علائقائي توانائي جي من??رنامي کي بدلائي ڇڏيندو ۽ اقتصادي خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
تاپي گئس پائيپ لائين منصوبو توانائي جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ تذويراتي تعاون جو مظهر آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ