اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير مريم اورنگزيب فنڪارن جي لاءِ هيلٿ انشورنس رجسٽريشن فارم جاري ڪندي چيو آهي ته حڪومت ??حا??ين وانگر فنڪارن جي لاءِ پڻ هيلٿ انشورنس پروگرام شروع ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جلد پاڻ فنڪارن کي هيلٿ ڪارڊ ڏيندو. هو فنڪارن جي لاءِ هيلٿ انشورنس رجسٽريشن فارم جاري ڪرڻ جي موقعي تي ڳالهائي رهي هئي. هن چيو ته 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ??حا??ين ۽ ميڊيا ورڪرز جي هيلٿ انشورنس پروگرام جي لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن. ??حا??ين جي لاءِ ان کان اڳ ويلفيئر فنڊ هو پر موجوده حڪومت هيلٿ انشورنس جو پروگرام پڻ شروع ڪيو آهي. هن چيو ته فنڪارن سدائين پاڪستان جي ثقافت، تهذيب ۽ ادبي ورثي کي فروغ ڏنو، جهڙي طرح ڪلچر اسان جو ورثو آهي، اهڙي طرح فنڪار به اسان جو ورثو آهن. هن چيو ته ??حا??ين وانگر فنڪارن جي لاءِ پڻ هيلٿ انشورنس پروگرام شروع ڪيو ويو آهي. فنڪار بي وسي جي حالت ۾ پڻ ڪنهن کي شڪايت نه ڪري سگهندا هئا، فنڪارن کي صحت جي جد??د سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ آرٽسٽ هيلٿ انشورنس پروگرام شروع ڪيو ويو آهي. www.demp.gov.pk تي فنڪار پنهنجو پاڻ کي رجسٽرڊ ڪن. هن چيو ته صحت جي سهولتن تائين پهچ هڪ طريقيڪار ذريعي ٿي سگهندي، فنڪارن کي پرائيويٽ اسپتالن ۾ علاج جي سهولت ملي سگهندي. هن چيو ته وزيراعظم محرم الحرام کانپوءِ ان پروگرام کي باقاعده جاري ڪندو، ان کان اڳ سمورا فنڪار پنهنجي رجسٽريشن جو عمل مڪمل ڪري وٺن. هن ان پروگرام کي مڪمل ڪرڻ ۾ رهنمائي ڪندڙن جا ٿورا مڃيا.
حڪومت صحافين وانگر فنڪارن جي لاءِ پڻ هيلٿ انشورنس پروگرام شروع ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم پاڻ فنڪارن کي هيلٿ ڪارڊ ڏيندو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II