اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي غربت جي خاتمي، تعليم ۽ احتياطي صحت تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ته جيئن پاڪستان ۾ حقيقي تبديلي آڻي سگهجي ۽ محروم طبقن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي. ايوان ??در ۾ اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آءِ سي سي آءِ) جي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن زور ڏنو ته پاڪستان کي وڌيڪ ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي آڻڻ جي لاءِ ملڪ جي بنياد کي مضبوط ڪرڻ ۽ تعليم ۽ صحت جهڙن بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن معاشري کي بهتر کان ??هتر بڻائڻ جي لاءِ معاشي ۽ سماجي شعبن ۾ بهتر فيصلاسازي ۽ پاليسين کي لاڳو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ڪوريا جو مثال ڏنو جنهن 1960ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان ??ي ماهر معاشيات ڊاڪٽر محبوب الحق جي پاليسين کي اختيار ??يو ۽ تيزي سان ??رقي ڪئي ۽ چيو ته ماضي ۾ پاڪستان ۾ رڳو زباني دعويٰ ڪئي ويندي رهي پر ملڪ جي معيشت کي ترقي نه ملي. هن چيو ته ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ضروري آهي پر جائيدادن جي خريداري ۾ ڦاسڻ بدران پئسو گردش ۾ رهڻ گهرجي ۽ ماڻهن جي روزگار جي لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻ گه??جي. هن چيو ته يورپي ملڪن پاران قومي رياست جو تصور ڪيترن ئي رخن کان ناڪام ٿيو، انسانن جو استحصال ٿيو ۽ موجوده صديءَ ۾ به رتوڇاڻ رڪجي نه سگهيو. صدر چيو ته پاڪستان هڪ اسلامي جمهوري رياست آهي ۽ ان ??ي عوام کي قرآن، سنت ۽ ان ??ي عالم سڳورن جي راءِ مان ??هنمائي حاصل ڪرڻ گه??جي. قرآن مجيد جي آيتن جي تلاوت ڪندي هن چيو ته قرآن اخلاقي زندگي گذارڻ جي لاءِ سڌي راهه تي گامزن هجڻ ج?? حل پيش ڪيو آهي. صدر جو چون هو ته اسلام رڳو رسمن جو مذهب نه آهي پر ان ??ا ڪجهه بنيادي تصور آهن جن کي اختيار ??ري سڌي رستي تي هلڻ گه??جي. هن زور ڏئي چيو ته پاڪستان ۾ مسلمانن کي الله جو خوف پيدا ڪرڻ گهرجي، ديانتداري ۽ تقويٰ جي قدرن کي اختيار ??رڻ گهرجي ۽ معاشري ۾ ضرورتمند ۽ ڪمزور ماڻهن سان ونڊڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ گه??جي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان کي پرڏيهي امداد تي ڀاڙڻ نه گهرجي پر ماڻهن کي پنهنجي ڪردار ??ي بهتر بڻائڻ، ڪميونٽي جو احساس پيدا ڪرڻ، خيرات ڏيڻ ۽ اهڙن قدرن جي پيروي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جيڪي هڪ بهتر ۽ خدا کان ڊڄڻ وارو معاشرو جوڙين. معاشري کي مجموعي طور تي عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن ڇو ته قائداعظم واضح طور تي چيو هو ته عورتن جي ترقي کانسواءِ پاڪستان ??ڳتي نه ٿو وڌي سگهي، هن چيو ته اسلام پهريون مذهب آهي جنهن عورتن کي وراثت جو حق ڏنو. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ??يو ته پاڪستان ۾ 27 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن ۽ تعليم کان محروم آهن جيڪو پاليسي سازن جي لاءِ سخت ڳڻتي جو سبب هجڻ گه??جي. هن وڌيڪ چيو ته خصوصي ماڻهن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ گه??جي. ان موقعي تي آءِ سي سي آءِ جي صدر احسن ظفر بختاوري پڻ خطاب ڪيو ۽ واپاري برادري کي درپيش مسئلن تي روشني وڌي. ان کان ??ڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آءِ سي سي آءِ) جي اڳوڻي صدرن ۾ شيلڊز پڻ ورهايون.
پاڪستان ۾ حقيقي تبديلي آڻڻ لاءِ غربت جي خاتمي، تعليم ۽ احتياطي صحت تي ڌيان ڏيڻ گهرجي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena