اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اميد ظاهر ڪئي آهي ته نگران وزيراعظم جي ن??لي جو فيصلو اڄ ڇنڇر تائين ٿي ويندو. وزيراعظم جي بيٽ رپورٽرز سان الوداعي ڳالهه ٻولهه ۾ هن چيو ??ه هو اتحادي پارٽين جي سربراهن سان به ملاقات ڪندو ته جيئن ان معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي جنهن کانپوءِ هو ٻيهر مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض سان پڻ ملاقات ڪندو. هن وضاحت ڪئي ته ڪنهن هڪ ن??لي تي اتفاق پيدا نه ٿيڻ جي صورت ۾ معاملو پارلياماني ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويندو جيڪا ٽن ڏينهن جي اندر معاملي کي اڪلائيندي. پارلياماني ڪميٽي جي سطح تي اتفاق نه ٿيڻ جي صورت ۾ معاملو اليڪشن ڪميشن وٽ هليو ويندو جنهن کي ٻن ڏينهن ۾ حتمي فيصلو ڪر??و پوندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران کيس ۽ مخالف ڌر اڳوڻ کي 12 آگسٽ تائين نگران وزيراعظم جو نالو فائنل ڪر?? جي لاءِ لکيل خط بابت سوال جي جواب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته آئين ۾ طريقيڪار بلڪل واضح آهي. هن چيو ته بطور وزيراعظم حڪومت جي دور جا 16 مهينا منهنجي 38 سالا سياسي ڪيريئر جو سڀ کان مشڪل وقت هو جڏهن ته سمورن حصيدارن جي گڏجي ڪم ڪر?? ۽ ڪوششن جي نتيجي ۾ حڪومت مختلف محاذن تي نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون. هن چيو ته ٻوڏ دوران حڪومتي مشينري 24 ڪلاڪ ڪم ڪيو ۽ صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن پاران ورهايل امداد کانسواءِ وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرين ۾ 100 ارب رپيا ورهايا هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدو هڪ تمام وڏو چئلينج هو جنهن تي پوري ٽيم جي ڪوششن سان ضابطو آندو ويو نه ته ملڪ انتشار جو شڪار ٿي سگهيو پئي. سفارتي محاذ تي پنهنجي حڪومت جي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ??ه هن دوست ملڪن سان لاڳاپن کي بهتر ڪيو آهي جيڪي گذريل حڪومت دوران بي بنياد الزامن جي ڪري ڇڪتاڻ وارا ٿي چڪا هئا. وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت دوران مهانگائي 12.5 سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي جڏهن ته ميان محمد نواز شريف جي حڪومت جي دور ۾ رڳو 3.5 سيڪڙو هئي. هن چيو ته پيداوار ۾ گهٽتائي جي ڪري حڪومت کي ڪڻڪ جي درآمد تي 2 ارب ڊالر خرچ ڪر??ا پيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف سائفر بابت خبر جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته ڪالهه جيڪو ڪجهه ٿيو ان سڀ ڪجهه بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. هن صحافين کي ٻڌايو ته حڪومت خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي شڪ?? ۾ هڪ طريقيڪار جوڙيو آهي جيڪو ملڪ جي ترقي ۽ خوشح??لي جو ويزن آهي.
اميد آهي ته نگران وزيراعظم جي نالي جو فيصلو اڄ ڇنڇر تائين ٿي ويندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔