اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي ڪشم??ري ڀينرن ڀائرن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو، ڪشمير جو مسئلو هند جي ورڇ جي اڌو??ي ايجنڊا آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌ??ي انوارال??ق سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪشميرين جي لاءِ اٿاريل آواز تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم کي دنيا آڏو بي نقاب ڪرڻ تي اسان ڪشم??ري توهان جا ٿورائتا آهيون. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان پنهنجي ڪشم??ري ڀينرن ڀائرن جي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ هر طرح سان انهن سان گڏ آهي. پاڪستان پنهنجي ڪشم??ري ڀينرن ڀائرن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو. ڪشمير جو مسئلو هند جي ورڇ جي اڌو??ي ايجنڊا آهي. هن چيو ته جيستائين ڪشمير مسئلي جو حل گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن تحت ڪشميرين جي خواهش مو??ب نه ٿو ٿئي، اسان ڪشميرين جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهيون.
پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر