گڏيل قومون -25 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي وزارتي سيشن کان پوءِ سعودي پرڏ??هي وزير شهزاده فيصل بن فرحان چيو آهي، ته فلسطين مسئلو منصفاڻي حل کان سواءِ خطي ۾ امن جو قيام ناممڪن آهي. ان موقعي تي سعودي عهديدارن سان گڏ اردن جو پرڏ??هي وزير ايمن الصفدي، فلسطين جي پرڏ??هي وزير رياض المالڪي ۽ مصر جي پرڏ??هي وزير سامح شڪري پڻ موجود هئا. اردن جي پرڏ??هي وزير خبردار ڪيو ته جنگ روڪڻ لاءِ موثر قد?? نه کنيا ويا ته اسرائيل ۽ حماس جي جنگ اولهه ڪناري ۾ پکڙجڻ کان علاوه لبنان ۽ ٻين محاذن تي پکڙجي ويندي. جنگ جي پکڙجڻ جو سنجيده خطرو موجود اهي. واضح رهي ته اسرائيل پاران غزه تي بمباري ٻن هفتن کان وڌيڪ وقت جاري رهي آهي، ان دوران 5 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا اهن جڏهن ته 1400 اسرائيلي مارجي ويا آهن. 23 لک کان وڌيڪ آبادي مسلسل لاڪ ڊائون سبب کائڻ پيئڻ جي شين کان محروم آهي. جڏهن ته لکين فلسطيني شهري بمباري سبب گهر ڊهڻ سبب بي گهر ٿي چڪا آهن.
عرب پرڏيهي وزيرن جو اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ فوري جنگ بندي جي مطالبي جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina