گڏيل قومون -25 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس چيو آهي، ته غزه ۾ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، اتي فوري جنگ بندي ڪئي وڃي. سلامتي ??ائونسل جي هڪ اعليٰ سطحي سيشن ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته اسرائيل 56 سالن کان فلسطينين تي ناجائز قبضو ڪري رکيو آهي. هن چيو ته حماس جي حملن جي جواب ۾ اسرائيل جهڙي طرح فلسطيني علائقن ۾ بمباري ڪري رهيو آهي ان ??حران کي وڌيڪ سنگين ڪري ڇڏيو آهي ۽ سلامتي ??ائونسل ۾ سخت ڳڻتي واري صورتحال آهي. هن چيو ته 7 آڪٽوبر تي حماس جي حملن ڪرڻ جو ڪو جواز نه هو پر ان ??عد جهڙي ريت غزه کي اجتماعي سزا ڏني پئي وڃي ان ??و ڪو جواز نه ٿو بڻجي. هن چيو ته مان گهري ڳڻتي ۾ آهيان ??ه هن وقت غزه ۾ عالمي قانونن جي سرعام خلاف ورزي ٿي رهي آهي. مان ??هو واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته هٿياربند ويڙهه ۾ پڻ ڪنهن به ڌر جڪو پاڻ کي عالمي قانونن کان مٿانهون سمجهڻ جو حق ناهي، جيتوڻيڪ سيڪريٽري جنرل اها ڳالهه اسرائيل جو نالو وٺڻ بنا چئي آهي. سلامتي ??ائونسل جي خاص سيشن دوران ٿوري ئي دير ۾ اسرائيل جي سفير گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي استعيفيٰ جو اهو چئي مطالبو ڪيو ته انتونيو گوتريس دهشتگردن ۽ قاتلن سان گڏ ٺاهه جي حمايت ڪري ٿو.
غزه ۾ عالمي قانون جي سرعام ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي: گڏيل قومن جو جنرل سيڪريٽري
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina