گڏيل قومون – 26 مارچ (اي پ?? پي) پاڪستان غزه ۾ جنگ بندي جي مطالبي تي ٻڌل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ جي آجيان ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هو ڊگهي انتظار کان پوءِ منظور ٿيل ٺهراءَ تي گڏيل قومن پاران ع??لدرآمد ڪرائڻ چاهين ٿا. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گذريل ڏينهن سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ جي منظوري جي حوالي سان اي پ?? پي کي ٻڌايو ته اسان گڏيل قومن جي چا??ٽر جي آرٽيڪل 25 مطابق سلامتي ڪائونسل جي ان ٺهراءَ تي فوري طور عملدرآمد جو مطالبو ڪيون ٿا. ان چا??ٽر جي آرٽيڪل جي شرطن تحت گڏيل قومن جا ميمبر ملڪ 15 رڪني ڪائونسل جي فيصلن تي عملدرامد ڪرڻ تي متفق آهن. پاڪستاني نمائندي چيو ته غزه ۾ اسرائيل جي وحشياڻي مهم کي روڪڻ لاءِ هي پ??ريون قدم هئڻ گهرجي. پاڪستان جون 1967ع کان پهرين جي سرحدن تي ٻڌل هڪ محفوظ، عمل جوڳي ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جي قيام ذريعي هڪ منصفاڻي، جامع ۽ جٽادار حل لاءِ فعال طور ڪم ڪندو رهندو، ??نهن جو گادي وارو هنڌ القدس الشريف هو. سومر ڏينهن سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ ۾ رمضان المبارڪ ۾ فوري جنگ بندي ۽ غزه م امداد جي فراهمي کي وڌائڻ جي فوري ضرورت جو مطالبو ڪيو ويو. ٺهراءَ جي حمايت ۾ 14 ووٽ پيا جڏهن ته آمريڪا ??وٽ??گ ۾ حصو نه ورتو هو. 30
پاڪستان پاران سلامتي ڪائونسل جي غزه جنگبندي واري ٺهراءَ جي آجيان، عملدرآمد جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی