گڏيل قومون – 9 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن چي?? آهي ته سوڊان ۾ 16 مهينن کان جاري جنگ جي صورتحال جي نتيجي ۾ 20 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ لکين بي گهر ٿي چڪا آه??. ملڪ جو بنيادي ڍانچو پڻ تباهي جو نقشو پيش ڪري رهي?? آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس اذهانوم گبريس 2 ڏينهن واري دوري بعد پورٽ سوڊان شهر ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران فوتين جي انگ جو اعلان ڪي?? آهي. اهو شهر فوج جي حمايت يافته عالمي سطح تي تسليم ٿيل حڪومت جو هيڊ ڪوارٽر آه??. ٽيڊروس چيو ته فوتين جو اصل انگ وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. سوڊان هڪ طوفاني بحران جو شڪار آه?? جتي تباهي جي حد ڇرڪائيندڙ آهي. سندس چوڻ هو ته هتي تڪرار گهٽائڻ لاءِ کنيل قدم ناڪافي آه??.
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔