تهران-09 آڪٽوبر (اي پي پي) ايران چيو آهي ته اسرائيل آمريڪي ص??ارتي مهم تي اثر انداز ٿيڻ لاءِ وچ اوڀر ۾ وڏي جنگ شروع ڪرڻ وڃي رهيو آهي. ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل باغائي چيو ته اسرائيل آمريڪي ص??ارتي مهم تي اثر انداز ٿيڻ لاءِ وچ اوڀر ۾ هڪ وڏي جنگ شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن ايڪس تي جاري پوسٽ ۾ لکيو ته پوري خطي کي هڪ مسلسل وڌندڙ جنگ طرف گهلڻ ۾ قابض اسرائيلي حڪومت جي جلدبازي جو بنيادي مقصد آمريڪا جي ??ين??ڙ چونڊن ۾ بدنيتي سان هي??اڦ??ري ڪرڻ آهي ۽ انهي ڪري آمريڪا جون سيڪيورٽي ايجنسيون ايران تي آمريڪا جي اندروني معاملن ۾ مداخلت جا ڪوڙا الزام لڳائي رهيون آهن. واضح رهي ته آمريڪا ۾ صدارتي چونڊون 5 نومبر تي ٿينديون. موجوده آمريڪي ص??ر جوبائيڊن جي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي ٽڪيٽ تي چونڊون وڙهڻ جي اميد ڪئ?? پئي وئي پر آمريڪا جي اڳوڻي ص??ر ٽرمپ سان جون ۾ ٿيل بحث ۾ سندس بدترين ڪارڪردگي کانپوءِ هن صدارتي چونڊن تان هٿ کڻڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پنهنجي جاءِ تي هن نائب صدر ڪملا هيرس جي نامزدگي جي حمايت ڪئ??.
اسرائيل آمريڪي صدارتي مهم تي اثر انداز ٿيڻ لاءِ وچ اوڀر ۾ وڏي جنگ شروع ڪرڻ وڃي رهيو آهي: ايران
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada