برسلز _15 آڪٽوبر (اي پي پي )يورپي يونين ??ير??ني اختيارين ۽ ??ير??ن ايئر لائينز سميت ڪيترن ئي ادارن تي پابنديون لڳائي ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ??ير??ن تي پابندين جو سبب روس کي يوڪرين خلاف استعمال ڪرڻ لاءِ ميزائلن ۽ ڊرونز جي منتقلي جو الزام بي??ن ڪيو آهي. يورپي يونين جي پرڏيهي وزير ??ير??ن ايئر لائين سميت ستن ادارن، نائب دفاع واري وزير سيد حمزه غلندري تي پابندين جي منظوري ڏني آهي . يورپي يونين جي سرگرم ملڪن ۾ شامل برطان??ه ، فرانس ۽ جرمني گذريل مهيني ??ير??ن تي روس کي ميزائلن جي منتقلي تي آمريڪا وانگر پابنديون لڳايون هيون. يورپي ڪميشن جي صدر ارسولا وان ڊيرلين يورپي بلاڪ طرفان پابندين جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته وڌيڪ پابندين جي ضرورت آهي. ارسولاوان ڊيرلين سوشل ميڊيا جي ايڪس اڪائونٽ تي لکيو آهي ته يوڪرين خلاف روس جي جارحيت جي جنگ ۾ ??ير??ني حڪومت جي حمايت قبول ڪرڻ جوڳي نه آهي ۽ ان کي روڪڻ گهرجي.
يورپي يونين ايران تي پابنديون لڳائي ڇڏيون
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania