اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جمهوريه انڊونيشيا جي صدر جوڪو ويدودو جي وزيراعظم هائوس اسلام آباد پهچڻ تي شاندار آجيان ڪئي. وزيراعظم هائوس پهچڻ تي صدر ويدودو کي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو. ??ال??ه ٻولهه کانپوءِ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ صدر ويدودو جي وچ ۾ وفد جي سطح تي ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي وس??ع عالمي ۽ علائقائي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي اڳواڻن ان ??ال??ه کي ورجايو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي ع??ام جي وچ ۾ سياسي، ثقافتي، مذهبي لاڳاپا آهن ۽ جمهوري قدرن جي لاءِ احترام رکن ٿا. اسلامي دنيا جي سڀ کان وڏن ملڪن هوندي ٻئي ملڪ ترقي، خوشحالي، استحڪام، سلامتي ۽ علائقائي سلامتي تي متحد آهن.
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا