اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪابينا کي ٻڌاي?? ويو ته لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪرڻ جي حوالي سان سمورن صوبن سان مشاورت کانپوءِ اڄ اربع ڏينهن فيصلو ڪي?? ويندو، پبلڪ ٽرانسپورٽ سان گڏ باقي شعبن کي مرحليوار کولي?? ويندو، ڪابينا ان ڳالهه کي ورجايو ته ڀارت پاران والاريل ڪشمير ۾ 5 آگسٽ جي جارحاڻي ۽ هڪ طرفي قدم کانپوءِ حڪومت پاران ڀارت سان سمورين شين جي درآمد تي پابندي لڳل آهي جڏهن ته زندگي بچائيندڙ دوائن کي ان پابندي کان ڇوٽ قرار ڏن?? ويو آهي، وفاقي ڪابينا ملڪ ۾ تيار ٿيندڙ هينڊ سينيٽائيزر ۽ چانورن جي برآمد، وزيراعظم پاڪستان ڪورونا رليف فنڊ جي حوالي سان پاڪستان حڪومت، اخوت پاڪستان ۽ اخوت يو ايس اي جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت، اقليتن بابت قومي ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ جي باضابطا منظوري ڏني آهي، موجوده ??ور??حال ۾ مخالف ڌر کي هم آهنگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، مون ڪورونا جي ٽيسٽ ڪرائي جيڪا نيگيٽو آئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.
ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪرڻ جي حوالي سان سمورن صوبن سان مشاورت کانپوءِ اڄ فيصلو ڪيو ويندو: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج