اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي 20 رڪني مرڪزي ايڊوائيزري ڪميٽي جي نالن جو نوٽيفڪيشن جا??ي ڪيو ويو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ وزيراعظم عمران خان پاران اهو نوٽيفڪيشن جا??ي ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب ايڊوائيزري ڪميٽي ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن وارو وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود، دفاع واري وزير پرويز خٽڪ، عامر محمود ڪيان??، وفاقي وزير مخدوم خسرو بختي??ر، علي زيدي، حماد اظهر، علي امين گنڊاپور، شيرين مزاري، مراد سعيد، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، خيبرپختونخوا جو وڏو وزير محمود خان، پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزد??ر، پنجاب جو گورنر چوڌري محمد ??رو??، سينيٽر سيف الله خان نيازي ۽ خان محمد جمالي شامل آهن.