اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي موجوده حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت اهڙن من??وبن کي ترجيح ڏني آهي جن سان بلوچستان جي عوام جي زندگين تي بهتر اثر پئجي سگهن ٿا، صوبي ۾ انفراسٽرڪچر، زراعت، ماهيگيري، توانائي سميت مختلف شعبن جي ترقي ۽ احساس پروگرام تحت بنيادي ضرورت جي شين تي سبسڊي تي ترتيبوار ڪم تي?? ٿي رهيو آهي، صنعت سازي ۽ پروسيسنگ پلانٽس جو قيام بلوچستان جي عام عوام جي اقتصادي ترقي جي لاءِ اهم ثابت ٿيندو، مقامي ماهگيرن کي ٽرالرز جي غيرقانوني سرگرمين کان بچائڻ کي يقيني بڻايو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ بلوچستان جي ترقياتي من??وبن تي اڳ??رائي جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ گورننس جي ڍانچي، سرڪاري من??وبن، ماهگيري جي شعبي، ڪمانڊ ايريا جي ترقي، زرعي شعبي ۽ نرسنگ ڪاليجز قائم ڪرڻ جي حوالي سان اڳ??رائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ روڊ نيٽ ورڪ، توانائي جي شعبن جي من??وبن ۽ ميري ٽائيم افيئرز، آءِ ٽي اينڊ ٽيلي ڪام سيڪٽر کانسواءِ گوادر جي ترقي ۽ صنعت ۽ پيداوار جي من??وبن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته 161 من??وبن مان 59 من??وبا هلندڙ مالي سال ۾ مڪمل ڪيا ويندا، ان سلسلي ۾ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مانيٽرنگ ۽ گورننس کي بهتر بڻايو پيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته من??وبن تي ڪم جي رفتار کي تي?? ڪيو وڃي. ان کانسواءِ هڪ مستقل ڍانچو جوڙيو ويندو ته جيئن بلوچستان جي محروم علائقن جي پائيدار بنيادن تي ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي. رستن جي تعمير جي حوالي سان اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ بهتر ڪنيڪٽيويٽي جي لاءِ 3788 ڪلوميٽر رستن جي تعمير ڪئي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ ڪم تي??ي سان جاري آهي. ان کانسواءِ ڪراچي – ڪوئيٽا – چمن 796 ڪلوميٽر رستي جي تعمير جو مصنوبو پڻ عمل هيٺ آهي ۽ ان تي تمام جلد ڪم شروع ٿي ويندو. ماهگيري جي شعبي جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٽرالرز جي ذريعي غيرقانوني شڪار جي حوالي سان مقامي ماهيگيرن جي خدشن کي ترجيحي بنيادن تي ختم ڪيو پيو وڃي ۽ لاڳاپيل ادارن پاران پيٽرولنگ کي وڌايو پيو وڃي، ان سان مڇين جي غيرقانوني شڪار جي روڪٿام ٿيندي ۽ ماهيگيري جو تحفظ پڻ ممڪن ٿيندو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ميري ٽائيم افيئرز واري وزارت ڪامياب جوان پروگرام جي حصيداري سان مقامي ماهگيرن کي قرض ڏئي رهي آهي جنهن جي ذريعي اهي پنهنجي صلاحيتن ۽ ٻيڙين کي بهتر بڻائي سگهندا ۽ ٻيڙين ۾ مانيٽرنگ سسٽم کي هڻڻ پڻ ممڪن ٿي سگهندو. ڪمانڊ ايريا ڊيولپمينٽ جي حوالي سان اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته صوبي م زرعي شعبي جي ترقي ۽ پاڻ?? وسيلن جي بهتر مئنيجمينٽ جي لاءِ ڪمانڊ ايريا ڊيولپمينٽ من??وبن تي ڪم جي رفتار کي تي?? ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪڇي ڪينال من??وبو مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهي. ان کانسواءِ جانورن کي منه کڙ جي بيماري کان بچاءُ جي لاءِ من??وبي تي پڻ ڪم جاري آهي ۽ ان سلسلي ۾ عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون ته جيئن گوشت جي برآمد کي وڌائي سگهجي، ان سان نه رڳو ??يم??ي مٽاسٽا ناڻو حاصل ٿيندو پر روزگار جا موقعا پن پيدا ٿيندا. توانائي ۽ پيٽروليم جي من??وبن تي اڳ??رائي جي حوالي سان اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته 3 هزار سولر پينلز ورهائڻ جو عمل جلد شروع ٿي وندو. ان کانسواءِ ايل پي جي تي سبسڊي جي تجويز پڻ غور هيٺ آهي جنهن سان مقامي آبادي جي توانائي جون ضرورتون پوريون ٿي سگهنديون. ميري ٽائيم افيئرز جي وزارت اجلاس ۾ ايل اين جي ورچوئل پائيپ لائين جي درآمد تي اڳ??رائي کان آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ لائيسنس ڏنا پيا وڃن جنهن سان صوبي خاص طور تي گوادر ۾ گئس جي صورتحال ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. آءِ ٽي جي شعبي ۽ فاصلاتي تعليم جي حوالي سان اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته 6372 مقامي نوجوانن کي تربيت ڏني وئي آهي جنهن سان اهي پنهنجو روزگار ڪمائڻ جي قابل ٿي سگهندا. ان کانسواءِ 35 هزار نوجوانن کي فري لانسنگ ۽ ٻيا فني ڪورسز ڪرايا ويندا. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته تربت ايئرپورٽ جي ترقي جو من??وبو بڊنگ جي مرحلي ۾ آهي ۽ تربت، گوادر ۽ ڪوئيٽا جي وچ ۾ اڏامن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اجلاس کي تربت ۾ کجور جي پروسيسنگ پلانٽس، چاغي، خضدار، لسٻيلا ۽ گوادر جي علائقن ۾ گوشت جي پروسيسنگ پلانٽس ۽ ميٽل پارڪ تي اڳ??رائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته حڪومت خضدار ۽ صوبي جي ٻين علائقن ۾ نجي شعبي جي حصيداري سان زيتون جي تيل جي من??وبي تي ڪم ڪري رهي آهي. ٻئي طرف گوادر ۾ ٻيڙين جي صنعت قائم ڪرڻ جو من??وبو پڻ غور هيـٺ آهي، ان من??وبي جو مقصد مقامي ماهيگيرن جي ٻيڙين کي جديد بڻائڻ آهي. اجلاس ۾ گوادر ۾ 1.2 ملين گيلن پاڻي جو پلانٽ قائم ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو ويو، اهو من??وبو هلندڙ سال گرمين کان اڳ مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي انهن من??وبن تي ڪم جي رفتار کي تي?? ڪن خاص طور تي اهڙن من??وبن جن جو عام ماڻهو جي زندگي سان تعلق آهي انهن کي ترجيح ڏني وڃي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد، من??وبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزي اسد عمر، توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر، سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي کانسواءِ بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو، سي پيڪ معاملن بابت وزيراعظم جي خاص معاون خالد من??ور ۽ لاڳاپيل سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي.
بلوچستان جي ترقي موجوده حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز