اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت جي ڪامياب معاشي پاليسين جي ڪري ورثي ۾ مليل ڏيوالپڻي واري معيشت کي استحڪام مليو ۽ قومي معيشت هاڻي پائيدار واڌويجهه جي راهه تي گامزن آهي، وزيراعظم چونڊيل نمائندن کي عوام سان پنهنجو رابطو مضبوط ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي ته جيئن عوام ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي ل??ءِ جاري مختلف سرڪاري اسڪيمن بابت وڌ کا?? وڌ آگاهي پيدا ڪري سگهجي. وزيراعظم عمران خان اها ڳالهه سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي ۽ پشاور، اسلام آباد، راولپنڊي ۽ چڪوال سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن ۽ عورتن جي مخصوص سيٽن تي چونڊيل اسيمبلي ميمبرن سان جدا جدا ملاقاتن ۾ چئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي ڪامياب معاشي پاليسين جي ڪري ورثي ۾ مليل ڏيوالپڻي واري معيشت کي استحڪام مليو ۽ قومي معيشت هاڻي پائيدار واڌويجهه جي راهه تي گامزن آهي. وزيراعظم سمورن چونڊيل نمائندن کي هدايت ڪئي ته اهي عوام سان پنهنجو رابطو مضبوط ڪن ته جيئن انهن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي ل??ءِ جاري مختلف سرڪاري اسڪيمن بابت وڌ کا?? وڌ آگاهي پيدا ڪري سگهجي. انهن اسڪيمن ۾ نئون پاڪستان قومي صحت ڪارڊ تحت يونيورسل هيلٿ ڪوريج، احساس ڪارڊ تحت راشن رعايت پروگرام سميت ڪيترائي غريب پروڙ قد??، آبادگار ڪارڊ تحت فصلن جي ل??ءِ قرض ۽ سستي اگهن تي معياري ٻج، ڀاڻ ۽ جيت مار دوائن جي فراهمي، ڪامياب جوان ۽ ڪامياب پاڪستان پروگرامن تحت هوم فنانسنگ، سستا ڪاروباري ق??ض ۽ نوجوانن جي ل??ءِ پيشيواراڻي مهارتن ۾ تربيت شامل آهي. وزيراعظم انهن کي ماڻهن کي اها حقيقت باور ڪرائڻ جي پڻ هدايت ڪئي ته حڪومت انهن جي پريشانين کا?? پوري طرح آگاهه آهي ۽ عالمي منڊين ۾ ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ ٿيندڙ تاريخي اضافي جي ڪري درآمدي مهانگائي جي م??في اثرن کا?? انهن کي بچائڻ جي ل??ءِ سمورا ممڪن قد?? کڻي رهي آهي. انهن عوام دوست قد??ن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 10 رپين جي گهٽتائي ۽ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 5 رپيا جي گهٽتائي شامل آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي جي فروغ ۽ نوجوانن جي ل??ءِ روزگار جا موقعا وڌائڻ جي ل??ءِ ڪيترائي ق??م کنيا جن ۾ آءِ ٽي ڪمپنيز ۽ فري ل??نسرز جي ل??ءِ 100 سيڪڙو ٽيڪس ڇوٽ، 100 سيڪڙو غيرملڪي ڪرنسي رکڻ جي اجازت ۽ آءِ ٽي اسٽارٽ اپس ۾ سيڙپڪاري جي ل??ءِ ڪيپيٽل گين ٽيڪس تان 100 سيڪڙو جي ڇوٽ شامل آهي. ان کا??سواءِ ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت ايندڙ 2 سالن ۾ ڪاروباري ق??ضن تي 407 ارب رپين جي سبسڊي ڏني ويندي. احساس پروگرام تحت ماهوار وظيفو 12000 رپين مان وڌائي 14000 رپيا ڪيو ويو آهي. گريجوئيٽ انٽرن شپ وظيفو 30000 رپيا ماهوار سان گڏوگڏ 26 لک اسڪالرشپس جي ل??ءِ 38 ارب رپيا رکيا ويا آهن. وزيراعظم ان ڳالهه کي ورجايو ته حڪومت هدف تي ٻڌل سبسڊيز ۽ نوجوانن جي ل??ءِ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي ل??ءِ سيڙپڪار دوست ماحول پيدا ڪري مهانگائي جي م??في اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. وزيراعظم قومي اسيمبلي ميمبرن کي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ هيٺئين سطح تي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙن ۾ پشاور مان شوڪت علي ۽ شير علي ارباب، اسلام آباد مان راجا خرم شهزاد نواز ۽ علي نواز اعواڻ، راولپنڊي ۽ چڪوال مان راشد شفيق، منصور حيات خان ۽ ذوالفقار علي خان ۽ عورتن جي مخصوص سيٽن تي چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبرن ڪنول شوزب، بيگم شاهين سيف الله طورو، نفيسا عنايت الله خٽڪ ۽ نورين فاروق ابراهيم شامل هيون. اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر چوڌري اشفاق، حاجي محمد يونس علي انصاري ۽ چيَن ون جي سي اي او ميان ڪاشف اشفاق پڻ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي.
حڪومت جي ڪامياب معاشي پاليسين جي ڪري ورثي ۾ مليل ڏيوالپڻي واري معيشت کي استحڪام مليو ۽ قومي معيشت هاڻي پائيدار واڌويجهه جي راهه تي گامزن آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria