اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اسلا??ي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي سلسلي ۾ اسلامي ميمبر ملڪن جا وفد اسلام آباد پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، مصر جو پرڏيهي وزير 24 سالن کانپوءِ پاڪ??تا?? آيو آهي جڏهن ته اسلا??ي تعاون تنظيم جو سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحهٰ به سومر جي صبح اسلام آباد پهچي ويو آهي. اسلام آباد ايئرپورٽ تي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ پاڪ??تا?? علماءُ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ وزيراعظم جي بين مذاهب ۽ هم آهنگي ۽ وچ اوڀر بابت خاص نمائندي حافظ محمود طاهر اشرفي سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اسلا??ي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحهٰ چيو ته پاڪ??تا?? جو عالم اسلام ۾ اعليٰ مقام آهي، پاڪ??تا?? ۾ ڪجهه مهينن ۾ ٻه ڀيرا عالم اسلام جي پرڏيهي وزيرن جو اچڻ پاڪ??تا?? جي مقام کي ??اه?? ڪري ٿو. هن چيو ته پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 48 هون اجلاس عالم اسلام جي مسئلن، مسلمان امت جي صورتحال ۽ عالمي دنيا جي حالتن تي اهم فيصلا ڪندو. مصر جو پرڏيهي وزير سامع شڪري چيو ته پاڪ??تا?? ۽ مصر ٻه ڀائر ملڪ آهن، پاڪ??تا?? مصر جا لاڳاپا مضبوط آهن ۽ انتهاپسندي، دهشتگردي جي خاتمي ۽ مسلمان امت جي وحدت ۽ اتحاد لاءِ پاڪ??تا??، مصر گڏجي ڪم ڪندا. پاڪ??تا?? علماءُ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ وزيراعظم جي خاص نماندي حافظ طاهر محمود اشرفي چيو ته اسلا??ي تعاون تنظيم جو اجلاس پوري قوم لاءِ فخر جوڳو آهي، پاڪ??تا??ي قوم پنهنجي معزز مهمانن کي خوش آمديد چئي ٿي. هن چيو ته اسلام آبا?? کان مظلوم ڪشميرين، فلسطينن جي ڳالهه ٿيندي ۽ امت جي مسئلن لاءِ عملي لائحه عمل ملندو، هڪ سوال جي جواب ۾ حافظ طاهر محمود اشرفي چيو ته اسلا??ي تعاون تنظيم جا مهمان مخالف ڌر جا ميمبر هوندا، انهن پاران مثبت رويو سامهون آيو آهي، مخالف ڌر اسلا??ي تعاون تنظيم جي حوالي سان جيڪو پڌرنامو جاري ڪيو آهي اهو درست رخ ۾ قدم آهي.
اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جي سلسلي ۾ وفدن جي آمد جاري
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔