اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته چونڊن ۾ دير نه ??يندي، پڪو يقين آهي ته چونڊون وقت تي ٿينديون، وقت سر چونڊن سان ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال بهتري جي راهه کلندي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر پاڪستان جي آئين جي پاسداري جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اسان جي تاريخ ثابت ڪري ٿي ته چونڊن ۾ دير سان جمهوريت کي نقصان پهتو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جو گورنر هڪ جمهوري شخص آهي، صدر گورنر کي آئين ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ جو مشورو ڏنو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته صدر جي حيثيت سان پنه??جو آئيني ڪردار ادا ڪري رهيو آهيان، سپريم ڪورٽ به فيصلن جي توثيق ڪئي، اختلاف ??هٽ ڪرڻ ۽ سياسي پارٽين ۾ مفاهمت جي فروغ لاءِ پنه??جو ڪردار ادا ڪيو آهي. صدر چيو ته ملڪ جي خاطر ڪنهن به شخص يا سياسي پارٽي سان ملڻ لاءِ تيار آهيان، پي ٽي آءِ جي قيادت کي به ٻين سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪرڻ جو چيو، حڪومت سان سٺا لاڳاپا آهن. صدر چيو ته پڪو يقين آهي ته پاڪستان ڪنگال نه ??يندو، بهتر ۽ موثر مالياتي انتظام ملڪ کي درپيش معاشي مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا. صدر چيو ته ڪرپشن جي خلاف آهيان ڇو ته ان پاڪستان کي بري طرح نقصان پهچايو، انهي لاءِ نيب ترميمي بل واپس ڪي??. ص??ر چيو ته فيصلاسازي ۾ دير، ميرٽ جي خلاف ورزي، پنهنجا نوازي ۽ ڪرپشن پاڪستان کي کوکليو ڪيو، ميڊيا سچا ۽ ذميواراڻا تجزيا ۽ راءِ پيش ڪري ماڻهن کي تعليم ڏي. صدر چيو ته نئين ميڊيا جي عروج جي باوجود پرنٽ ميڊيا اڃا به ماڻهن جي راءِ جوڙڻ ۽ اهم م??ئل?? کان آگاهه ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر پاڪستان ۾ اظهار راءِ جي آزادي کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.
چونڊن ۾ دير نه ٿيندي، پڪو يقين آهي ته چونڊون وقت تي ٿينديون، وقت سر چونڊن سان ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال بهتري جي راهه کلندي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ