ڪراچي – 26 – مئي (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آه?? ته ملڪ جي ??رقي ۽ خوشحالي جو راز اتحاد ۽ يڪجهتي ۾ آهي، ڪي – فور منصوبي کي ايندڙ مالي سال جي ??جيٽ ۾ اولين ترجيح تي رکنداسين، اتحادي پارٽين جي گڏيل مشاورت، ڪابينا ۽ پارليامينٽ ۾ اتحاد ۽ اتفاق گذريل هڪ سال دوران ڪئي ويندڙ انهن سمورين سازشن کي دفن ڪري ڇڏيو جن جون ڪڙيون سمنڊ پار تائين آهن، 9 مئي تي شرپسندن عمران خان جي ??تساهڻ تي فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا، ان جي ??ميوارن کي قانون موجب سزا ڏني ويندي. ڪي – فور منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزير??عظ?? چيو ته ان تقريب ۾ خوشي ٿ?? ته هن شهر جون ٻه وڏيون پارٽيون پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جيڪي وفاق ۾ حڪومت جو حصو آهن، انهن جي ??ڳواڻن دل ۾ مٺيون ڳالهيون ڪيون جيڪي قومي يڪجهتي ۽ هن ملڪ جي ??من لاءِ خوش آئنده آهن، ان ۾ ئي پاڪستان جي ??رقي ۽ خوشحالي جو راز لڪل آهن، اتفاق ۽ اتحاد ۾ برڪت آهي، وفاق جي ??تحادي حڪومت گذريل هڪ سال جي چئلينجز، گڏيل مشاورت ?? ٻڌي سان ان کي منهن نه ڏي ها ته اڄ صورتحال بلڪل مختلف هجي ها، گڏيل مشاورت ?? اتحاد سان گذريل سال جي ??دترين ٻوڏ، مهانگائي، آءِ ايم ايف سان لاڳاپيل مسئلن ۽ چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملي، ملڪ ۾ هڪ سال کان سياسي افراتفري پيدا ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪئي وئي جنهن جي 9 مئي جي ??لمناڪ ترين واقعن تي ان جي پڄاڻي ٿي، پاڪستان جي ??اريخ ۾ اهو هڪ ڪارو ترين ڏينهن هو، اتحادي پارٽين جي گڏيل مشاورت، ڪابينا ۽ پارليامينٽ ۾ اتحاد ۽ اتفاق گذريل هڪ سال دوران ڪئي ويندڙ انهن سمورين سازشن کي دفن ڪري ڇڏيو جن جون ڪڙيون سمنڊ پار تائين آهن. هن چيو ته جهڙي طرح 9 مئي تي عظيم شهيدن ۽ غازين جي يادگارن ۽ فوجي ٺڪاڻن تي عمران نيازي جي ??تساهڻ تي انهن جٿن حملا ڪيا اهو تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي، انهن واقعن تي شهيدن جي وارثن جون اکيون آليون ۽ دل ڏکويل آهن، تڪريم شهداءِ ڪنوينشن ۾ ڏيکاري ويندڙ ڊاڪيومينٽري تي هر اک ڳوڙها ڳاڙي رهي هئي، شهيد قوم جا عظيم فرزند آهن جن وطن جي ??اطر پنهنجون جانيون ڏئي قوم جي ٻارن کي يتيم ٿيڻ کان بچايو، هڪ سال جي ??ياسي افراتفري جي ڪري پاڪستان جي ??رقي جو سفر متاثر ٿيو. وزير??عظ?? چيو ته بلاول ڀٽو زرداري منهنجي لاءِ جن جذبن جو اظهار ڪيو ان تي ان جو ٿورائتو آهيان، گڏجي ملڪ جا مسئلا حل ڪنداسين ۽ ملڪ جي ٻيڙي کي ڪناري تي لڳائينداسين، مشڪلاتون ۽ چئلينجز آهن جڏهن ته اسان حوصلو نه هارينداسين، مهانگائي سميت انهن بحرانن ۽ چئلينجن کي شڪست ڏينداسين. هن چيو ته جهڙي طرح ڪي – فور منصوبي کي سردخاني جي ??والي ڪيو ويو ۽ ان تي سياست ڪئي وئي اها افسوسناڪ ڳالهه آهي، اڳوڻي وزير??عظ?? پاران ان منصوبي ۾ ڪرپشن ۽ چور چور جا الزام هڻي ڪراچي جي ??وام کي پيئڻ جي پاڻي کان محروم ڪيو ويو، هو سنڌ حڪومت ۽ ايم ڪيو ايم کي گڏ ويهاري ان منصوبي کي مڪل ڪري ها، ان اڳوڻي وزير??عظ?? پاڪستان جي هر منصوبي ۽ هر شعبي ۾ فتني تي ٻڌل سوچ اختيار ڪئي، انا پرستي رکندڙ اهو شخص ڏينهن رات چور چور ۽ ڌاڙيل ڌاڙيل جا نعرا هڻندو رهيو ۽ اڄ جڏهن پاڻ ڪرپشن ۾ پڪڙيو ويو ته جلاءُ گهيراءُ ڪرائڻ تي لهي آيو. هن چيو ته ملڪ ۾ وڏا حادثا ٿيا پر ڪنهن به سياسي پارٽي يا ليڊر فوجي ٺڪاڻن تي حملن جي ڳالهه نه ڪئي، قائد??عظ?? جي گهر تي حملو نه ڪيو. وزير??عظ?? چيو ته ڪي – فور منصوبي کي فوري طور تي مڪمل ٿيڻ گهرجي، ڪجهه سببن جي ڪري منهنجا دورا التوا جو شڪار ٿيا، واپڊا چيئرمين جڏهن اين ايل سي جو ڊي جي هو ته ان کان ڪيترائي منصوبا مڪمل ڪرايا، ڪي – فور منصوبي جي پڄاڻي ۾ به اهڙي طرح جي ڪارڪردگي ڏيکارينداسين. هن واپڊا چيئرمين کي هدايت ڪئ?? ته هو تسلسل سان ان منصوبي جي پرگهور لهي، صوبائي حڪومت ان سلسلي ۾ مڪمل تعاون ڪندي. وزير??عظ?? چيو ته منهنجي لاءِ هي منصوبو سمورن منصوبن کان وڌيڪ اهميت رکندڙ آهي، ڪراچي جي ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي انهن جو حق آهي، هتي پاڻي خريد ڪيو وڃي ٿو، ڪراچي پاڪستان جي معيشت جو گيٽ وي آهي، سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس هي شهر ڏي ٿو، جيڪڏهن انهن کي پيئڻ جو پاڻي دستياب نه آه?? ته اهو ڪنهن به صورت ?? جائز نه آهي، ان منصوبي کي ايندڙ مالي سال جي ??جيٽ ۾ اولين ترجيح تي رکيو ويندو ته جيئن اهو منصوبو مڪمل ٿئي. هن ان موقعي تي خاص معاون طارق باجوه کي هدايت ڪئ?? ته ان منصوبي تي خصوصي ڌيان ڏيڻو آهي ۽ ان جي لاءِ فنڊز مهيا ڪرڻا آهن، ان سلسلي ۾ ڪو جواز برداشت نه ڪنداسين. هن چيو ته ڪي – فائيو جي لاءِ پاڻي جي فراهمي ۾ مسئلا آهن، 1991ع جي پاڻي جي معاهدي ۾ ڪراچي جي لاءِ جيڪڏهن جدا کان ڪا ڳالهه ڪئي وئي آه?? ته ان کي ڏسنداسين. هن چيو ته 9 مئي جي واقعن تي قائد کان اسان شرمنده آهيون، جيڪڏهن ڪيپيٽل هل تي حملي جي ??ميوارن کي سزائون جائز آهن ته 9 مئي جي واقعن تي جيڪڏهن ذميوارن کي قانون موجب سزائون ملن ٿيون ته ان تي ڪنهن کي اعتراض نه هجڻ گهرجي.
ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو راز اتحاد ۽ يڪجهتي ۾ آهي، ڪي – فور منصوبي کي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ اولين ترجيح تي رکنداسين: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون