اسلام آباد_ 16 جون(اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف بجيٽ تقرير ۾ استادن جي حوالي سان ادا ڪيل لفظن تي معذرت ڪري ورتي جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ايوان جي ڪارروائي مان اهي لفظ حذف ڪرائي ڇڏيا. اسيمبلي ۾ ذاتي وضاحت تي دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو ته ??لله ??وهان کي محفوظ رکيو، الله ??عاليٰ سدائين اوهان کي پنهنجي عافيت ۽ پناهه ۾ رکي، الله ??و جيترو به شڪر ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي، هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ مون تقرير ڪئي هئي جنهن ۾ وائيس چانسلرز جي حوالي سان ??ال??ه ڪئي هئي، وائيس چانسلرز اوهان کي منهنجي هڪ لفظ تي احتجاج ڪندي خط لکيو آهي، منهنجي درخواست آهي ته ??هو لفظ ڪارروائي مان حذف ڪيو وڃي، مون کي پنهنجي ان لفظ تي افسوس آهي. آئون استادن جو دل سان احترام ڪ??يا?? ٿو. هُن منهنجي لفظ جي درست مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته ??عليمي ادارن ۾ سياست ٿي ??هي آهي، اسان کي درسگاهن ۾ پنهنجي ٻارن جي تربيت تي ڌيان ڏيڻو پوندو، منهنجي تقرير جو بنيادي مقصد ڪرپشن هو، ملڪ جي زندگي جي سمورن شعبن ۾ ڪرپشن جي ??ال??ه ڪئي هئي، جيڪڏهن استادن جي دل آزاري ٿي ??هي ته معذرت چاهيان ٿو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته مون اهو خط ميڊيا ۾ ڏٺو آهي، اڃان تائين منهنجي آڏو ناهي آيو، اوهان هڪ سينئر سياستدان آهيو، اوهان جو وڏپڻو آهي ته ??وهان معذرت ڪئي، استادن جو احترام اسان سڀني جي دلين ۾ آهي، استاد نئين نسلن جي تربيت ڪندا آهن، اسان استادن جي اهميت کي نظر ۾ رکندي آئين جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي سمورن وائيس چانسلرز کي دعوت ڏني هئي، هن چيو ته ??مورن ميمبرن کي گهرجي ته ??طاب دوران لفظن جي چونڊ درست ڪن، اسپيڪر خواجه محمد آصف جي تقرير مان اهو لفظ حذف ڪري ڇڏيو.
دفاع واري وفاقي وزير پاران بجيٽ تقرير ۾ استادن جي حوالي سان ادا ڪيل لفظن تي معذرت
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری