لاهور -15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اولڊر اوين ايسوسيئيشن جي چونڊيل عهديدارن ملاقات ??ئي. ملاقات ۾ گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي مان فارغ التحصيل قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ پڻ موجود هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق ان موقعي تي وزيراعظم ڳالهائيندي چيو ته گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي جون بيشڪ ملڪي تعليمي ميدان ۾ ساراهه جوڳيون خدمتون آهن، گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي هن ملڪ جي نمايان درسگا??ه آهي جنهن وڏا ناليوارا سپوت پيدا ڪيا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گورنمينٽ ڪاليج مان تعليم پرائي نڪتل شاگرد ز??دگي جي مختلف شعبن ۾ تعميري ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن. شرڪت ڪندڙن چيو ته اسان لاءِ فخر جوڳي ڳال??ه آهي، ته هن ملڪ جو وزيراعظم پاڻ گورنمينٽ ڪاليج مان تعليمي يافته آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف گ??رنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي ۾ پنهنجي شاگردي واري دور ۾ ۽ استادن کي خوشگوار لفظن ۾ ياد ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف اولڊر اوين ايسوسيئيشن جي تعليم?? ترقي ۽ ٻين فلاحي منصوبن ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي اولڊر اوين ايسوسيئيشن جي وفد وزيراعظم محمد شهباز شريف کي يادگاري شيلڊ ۽ تصوير پڻ پيش ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز سان اولڊر اوين ايسوسيئيشن جي نون چونڊيل عهديدارن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق