اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گذريل دور ۾ هڪ نلڪو هڻي ان جي تشهير ڪئي ويندي رهي، اڳوڻي حڪومت ملڪ کي معاشي بدحالي جو شڪار ڪيو، اڄ بالٽي، دٻي ۽ ڪنستر هڻي عدالت پيش ٿيندڙ عوام سان اکيون نه ٿو ملائي سگهي، وز??را??ظم محمد شهباز شر??ف 15 مهينن جي مختصر عرصي ۾ ترقياتي منصوبن جو ڄار وڇايو، معاشي بدحالي کي معاشي استحڪام ۾ بدلايو، بها??ه ڪهو باءِ پاس منصوبو ڪنهن معجزي کان گهٽ نه آهي، ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان ڪليات، ڪشمير ۽ مريءَ جا ماڻهو وز??را??ظم کي سڄي عمر دعائون ڏيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن بها??ه ڪهو باءِ پاس منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وز??را??ظم محمد شهباز شر??ف، حنيف عباسي، طارق فضل چوڌري، سي ڊي اي چيئرمين سميت ٻيا موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 2018ع ۾ اسان ملڪ ۾ ترقي جو سفر ڇڏي ويا هئاسين، ملڪي معيشت 6.3 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪري رهي هئي ۽ جڏهن هاڻي 2022ع ۾ ٻيهر اقتدار ۾ آياسين ته ملڪ معاشي بدحالي جو شڪار ٿي چڪو هو. وز??را??ظم محمد شهباز شر??ف ڏينهن رات محنت ڪري پاڪستان جي عوام کي ريليف ڏنو ۽ معاشي بدحالي کي معاشي استحڪام ۾ بدلايو. هن چيو ته شهباز شر??ف جڏهن پنجاب جو وڏو وزير هو ته هن سڄي پنجاب ۾ روڊن جو ڄار وڇايو، اسپتالون ٺاهيون، يونيورسٽيون ٺاهيون، ڏکڻ پنجاب ۾ ترقياتي منصوبا شر??ع ڪيا ته ان وقت اسان چوندا هئاسين ته اهڙو لينڊ اسڪيپ اسلام آباد ۾ ڇو نه ٺهي سگهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هو پنهنجي ڳوٺ ڀورڀن وڃڻ جي لاءِ انهي روڊ ذريعي گذرندي هئي، بها??ه ڪهو جو رستو انتهائي مشڪل رستو هو، وز??را??ظم اهو ڪم ڪيو آهي جنهن تي سڄي عمر ڪليات، ڪشمير، مري جا ماڻهو کيس دعائون ڏيندا رهندا، ان رستي تان مريض به گذرن ٿا، نوجوان ۽ مزدور به، هتي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ايمبولنسون رڪيل هونديون هيون، شديد ٽريفڪ جام جا مسئلا هئا، مري وڃڻ جي لاءِ بها??ه ڪهو جو رستو ڪنهن اذيت کان گهٽ نه هو، 10 مهينن جي مختصر مدي ۾ اهو منصوبو مڪمل ٿيو. هن چيو ته اسلام آباد مريءَ ۽ لاڳاپيل علائقن مان انهي رستي سفر ڪندا آهن. وفاقي وزير چيو ته نواز شر??ف جڏهن وز??را??ظم هو ته هن سرينگر هاءِ وي، اسلام آباد ايڪسپريس وي، مريءَ ايڪسپريس وي، ايئرپورٽ ٺاهيا، انهي تسلسل کي قائم رکندي وز??را??ظم شهباز شر??ف اقتدار ۾ ايندي ئي پهرين 15 ڏينهن اندر بليو بس، اورينج بس ۽ ميٽرو بس سروس جي شر??عات ڪئي، اڄ اسلام آباد جي اندر ڪو اهڙو روٽ نه آهي جيڪو راولپنڊي، مريءَ ۽ اسلام آباد کي پاڻ ۾ نه ڳنڍيندو هجي. اڄ ايئرپورٽ تائين ميٽرو بس ذريعي آسان پهچ موجود آهي. هن چيو ته اسلام آباد جي هر شهري، هر شاگرد ۽ هر مزدور وٽ ميٽرو بس جي سهولت ۾ عزت واري سواري موجود آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بالٽي، دٻو ۽ ڪنستر لڳائي عدالت ۾ پيش ٿيندڙ عوام سان اکيون نه ٿا ملائي سگهن، گذريل دور ۾ هڪ نلڪو هڻي مشهوري ڪئي ويندي هئي، انهن ماڻهن چئن سالن ۾ ملڪ کي معاشي تباهي طرف ڌڪيو. هن چيو ته وز??را??ظم محمد شهباز شر??ف جي قيادت ۾ حڪومت 15 مهينن جي مختصر مدي ۾ ترقياتي منصوبن جو ڄار وڇايو، پاڪستان کي ڊيفالٽ کان بچايو، پاڪستان جو ماس ٽرانزٽ سسٽم هجي يا ڪو ترقياتي منصوبو، اهي پاڪستان جي عوام لاءِ وز??را??ظم جي نيت ۽ خدمت جون نشانيون آهن.
گذريل دور ۾ هڪ نلڪو هڻي ان جي تشهير ڪئي ويندي رهي، اڳوڻي حڪومت ملڪ کي معاشي بدحالي جو شڪار ڪيو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری