اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سينيٽ کي ٻڌايو آهي ته فارن مشنز جي اسٽاف کي هاڻي وقت تي پگهارن جي ادائيگي ڪئي پئي وڃي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقي دوران سينيٽر سيف الله ابڙو جي سوال جي ج??اب ۾ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته جمع ڪرايل آڊٽ پيرا ۾ 285 ??لين رپين ۾ 93 ملين پرڏيهي وزارت بابت هئا جن جي ريڪوري ڪئي وئي آهي، آڊٽ اعتراضن جو مطلب ڪرپشن يا غبن ناهي هوندو، ان ۾ ملازمن ۽ آفيسرن جي علاج جي حوالي سان ڪجهه ڪاغذ به جمع ناهن ڪرايا ويندا. هن چيو ته آفيسرن کان ٿيندڙ ريڪوري معمولي ن??عيت جي هوندي آهي، ان ۾ اڪثر ڪيسز آفيسرن ۽ اسٽاف ??ابت هوندا آهن جن ۾ ٽيليفون بل ۽ ٽي اي ڊي اي شامل هوندا آهن. نگران پرڏيهي وزير فارن مشنز جي اسٽاف ??ون پگهارون دير سان ملڻ جي سوال جي ج??اب ۾ چيو ته ڪجهه مهينا اڳ پرڏيهي ناڻي ۾ گهٽتائي ج?? ڪري پگهارن جي ادائيگي ۾ دير ٿي هئي پر هاڻي پگهار وقت تي ادا ڪيو پيو وڃي.
فارن مشنز جي اسٽاف کي هاڻي وقت تي پگهارن جي ادائيگي ڪئي پئي وڃي: نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ