ڪراچي-21 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو آھي ته ايران ۾ سنڌ واسي پاڪستاني زائرين سان پيش آيل روڊ حادثي ۾ قيمتي جاني نقصان تي تمام گھڻو ڏک پھتو آھي. ھن ايران جي شھر يزد ۾ روڊ حادثي ۾ شهيدن جي وارثن سان تعزيت جو اظھار ڪيو. وڏي وز??ر کي آگاھي ڏني وئي ته ل??ڙڪاڻي مان ڪربلا (عراق) ويندڙ بس کي ايران جي شھر يزد ۾ حادثو پيش آھي جنھن ۾ 35 زائرين شهيد ٿي ويا ۽ 18 زخمي ٿيا آهن، جڏھن ته بس ۾ گڏيل طور تي 53 مسافر سوار ھئا. وڏي وزير صوبائي وزير سيد ناصر ح??ين شاھه کي ھدايت ڏيندي چيو ته ايران ۾ متاثر خاندانن جي ھر ممڪن مدد ڪئي وڃي. ھن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ قائم ايران جي قونصل جنرل سان رابطو ڪيو وڃي ته جيئن متاث??ن جي ترت مدد ڪري س??ھجي. ھن وڌيڪ چيو ته حادثي جي فوتين جا مڙھ آڻڻ لاءِ انتظام ڪيا وڃن. وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاھ کي حڪم ڏيندي چيو ته پرڏيھي وزارت سان رابطو ڪيو وڃي ۽ فوتين جا مڙھ وطن آڻڻ لاءِ ترت اپاءَ ورتا وڃن ۽ زخمين کي بھترين طبي س??ولتون فراھم ڪيون وڃن ۽ سندن واپسيءَ لاءِ سفري س??ولتن جو بندوبست ڪيو وڃي.
سنڌ جي وڏي وزير پاران ايران ۾ سنڌ واسي زائرين سان پيش آيل روڊ حادثي ۾ قيمتي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر