راولپنڊي-24 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير دشمن قوتن ۽ سندن سهولتڪار?? جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پاڪ فوج جي پُختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف ڏکڻ وزيرستا?? جي ضلعي وانا جو دؤ??و ڪيو، جتي کيس سيڪيورٽي??َ جي موجوده صورتحال، دهشتگردي??َ جي خاتمي خلاف جاري آپريشنز ۽ ترقياتي قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي. آ??يس??ن ۽ فوجين سان ڳالهائيندي آرمي چيف خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج جي اعليٰ سطحي تياري ۽ غير معمولي حوصلي جي تعريف ڪئي. آرمي چيف سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خر??جِ تحسين پيش ڪيو، جن ڊيوٽي دوران پنهنجون جانيون ڏنيون. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪ فوج قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خاص ڪري ڪي پي ڪي پوليس کي انه?? جي سگهه وڌائڻ لاءِ مستقل مدد ۽ فني مدد فراهم ڪندي رهندي. آرمي چيف ڏکڻ وزيرستان انٽيگريٽڊ ڊولپمينٽ پلان تحت امن برقرار رکڻ ۽ مختلف منصوبن کي اڳيان وڌائڻ ۾ ڪي پي ڪي جي عوام جي مُک ڪردار کي ساراهيو. هن ڪي پي ڪي جي عوام جي خوشحالي ۽ ترقيءَ لاءِ پنهنجا وسيلا ڪتب آڻڻ لاءِ پاڪ فوج جي عزم تي زور ڀريو. آرمي چيف دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ قبائلي اڳواڻ?? جي حمايت ۽ پاڪ فوج جي انه?? جي پُختي حمايت تي شڪريو ادا ڪيو. وزيرستان آمد تي آرمي چيف شهداء جي يادگار تي گل?? جي چادر چاڙهي شهيدن کي خر??جِ عقيدت پيش ڪيو. وانا ۾ پشاور جي ڪور ڪمانڊر آرمي چيف جي شاندار آجيان ڪئي.
پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير جو وانا جو دؤرو، دشمن قوتن ۽ سندن سهولتڪارن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پاڪ فوج جي پُختي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری