اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف محمد آصف کي دوحه ۾ انٽرنيشنل بليئرڊز اينڊ ورلڊ سنوڪر فيڊريشن (آءِ بي ايس ايف) چيمپيئن شپ کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي چ??و آهي ته پاڪستان جا باصلاحيت نوجوان راندين جي ميدانن ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا ??هن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته محمد آصف ٽيون ڀيرو عالمي چ??مپيئن شپ کٽي پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو. محمد آصف جا گهرڀاتي ۽ سندس ڪوچ به ان فت?? تي مبارڪباد جا مستحق ??هن. عالمي چ??مپيئن شپ کٽڻ جي لاءِ محمد آصف ڏي??هن رات محنت ڪئي ج??هن جي لاءِ هو ساراهه جي لائق آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا باصلاحيت نوجوان راندين جي ميدانن ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا ??هن. حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي ته رانديگرن کي عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. عالمي مقابلن جي لاءِ رانديگرن کي تياري جي معياري سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي.
وزيراعظم پاران محمد آصف کي دوحه ۾ آءِ بي ايس ايف چيمپيئن شپ کٽڻ تي مبارڪباد
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ