رياض – 11 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عرب – اسلامڪ ملڪن جي غيرمعمولي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ رياض کان باڪو جي ??اءِ روانو ٿي ويو. پنهنجي ??ن ڏينهن جي آذربائيجان جي دوري دوران وزيراعظم باڪو ۾ ڪانفرنس آف پارٽيز جي 29هين (ڪوپ 29) ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب رياض جي انٽرنيشنل رائل ٽرمينل تي پاڪستان ۾ مقرر سعودي سفير نواف سعيد المالڪي، سعودي عرب ۾ مقرر پاڪستاني سفير احمد فاروق ۽ ٻئي سفارتي عملي وزيراعظم کي رخصت ڪيو. دنيا ۾ ماحولياتي آلودگي کي گهٽ ڪرڻ ۽ موسمياتي تبديلي جي ??ضر اثرن ۾ ورتل ملڪن جي ??شڪلاتن کي اجاگر ڪرڻ جي ??اءِ منعقد ان اجلاس ۾ وزيراعظم پاڪستان جي ??مائندگي ڪندو ۽ پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جي خطرن تي روشني وجهندو. وزيراعظم ڪوپ 29 جي عالمي اڳواڻن ??ي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم ڪوپ 29 جي سربراهي اجلاس کي خطاب پڻ ڪندو. وزيراعظم پاڪستان پاران منعقد ڪلائميٽ فنانس گول ميز ڪانفرنس جي ??يزباني ڪندو جنهن ۾ ڪيترائي عالمي اڳواڻ شرڪت ڪندا. وزيراعظم ان سان گڏوگڏ تاجڪ صدر امام علي رحمان پاران گليشيئرز جي تحفظ جي ??اءِ منعقد اعليٰ سطحي تقريب ”گليشيئرز 2025ع: گليشيئرز جي ??اءِ قدم“ ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاران وڌندڙ عالمي گرمي پد تي منعقد اعليٰ سطحي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏوگڏ آذربائيجان جي صدر پاران عالمي اڳواڻن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزيراعظم ڪوپ 29 ۾ شرڪت جي ??اءِ آيل عالمي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاوتن پڻ ڪندو جتي نه رڳو گڏيل لاڳاپن جي ??روغ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي پر وزيراعظم پاڪستان کي موسمياتي تبديلي سبب خطرن تي پڻ روشني وجهندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي وزيراعظم سان گڏ آهن.
وزيراعظم محمد شهباز شريف عرب – اسلامڪ ملڪن جي غيرمعمولي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ رياض کان باڪو جي لاءِ روانو
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر