اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ ميڊيا ورڪرز جي پنهنجي آرگنائيزيشن سان معاهدي تي عملداري جي لاءِ ميڊيا ٽربيونلز سان رجوع ڪرڻ جي حق ?? ف??ڪ نيوز تي ڏنڊ جي شقن کانسواءِ تجويز ڪيل قانون ۾ هر تبديلي منظور آهي پر غريب ميڊيا ڪارڪنن کي قانوني دادرسي جو حق ڏيڻ اسان جو فرض آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ف??ڪ نيوز کي ڪيئن ميڊيا سيٺ جو حق مڃي سگهجي ٿو؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان جي موجوده ميڊيا ماڊل ۾ عام ماڻهو، غريب ميڊيا ڪارڪن ۽ ??بل?? انٽرسٽ ٽنهي جو تحفظ نه آهي، بليڪ ميلنگ کي پنهنجو حق قرار ڏيڻ ۽ اشتهار ڏيڻ رڳو پاڪستان ۾ ئي ممڪن آهي.
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا