اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شهباز ??ري?? لکين ماڻهن جو اسلام آباد ۾ ميڙ ڪرڻ بدران پنهنجي ڀاءُ کي برطانيا مان وطن واپس گهرائي، جهڙي طرح هو عالمي طاقتن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا اهو شرم جو سبب آهي، پوري دنيا جو ڌيان هن وقت افغانستان تي آهي جڏهن ته مسلم ليگ (ن) ان بابت هڪ لفظ نه چيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن شهباز ??ري?? جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ظاهر ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڄ صبح شهباز ??ري?? قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي کل جوڳي پريس ڪانفرنس ڪئي، کيس مشورو آهي ته جيڪڏهن کل ڀوڳ جي موڊ ۾ هجي ته اهڙي جڳهه تي نه وڃي پر پنهنجي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪري. چوڌري فواد حسين چيو ته هو لکين ماڻهن جو اسلام آباد ۾ ميڙ ڪرڻ بدران پنهنجي ڀاءُ کي برطانيا مان واپس گهرائي، شهباز ??ري?? جو ڀاءُ وطن واپس اچي پنهنجي خلاف ڪيسن کي منهن ڏي. هن پنهنجي ڏوهٽي جي شادي تي هڪ ملين ڊالر خرچ ڪيا ۽ رات جو شهباز ??ري?? ۽ نواز ??ري?? پاڪستاني عوام جي لاءِ مهانگائي تي ڳوڙها واهيا، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته هو پاڪستان جي مسئلن بابت سنجيده نه آهن. هن چيو ته انهن جو خاندان اربين رپين جو?? عياشيون ڪري رهيو آهي هڪ تقريب تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪري رهيو آهي، ٻئي طرف توهان مهانگائي جو گوڙ ڪري رهيا آهيو، مهانگائي سميت سمورين حالتن کي عوام کي منهن ڏيڻو آهي، انهن کي لنڊن ۾و يهي پاڪستاني عوام جي جيتري پرواهه آهي اسان کي خبر آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته شهباز ??ري?? جي خلاف ڪيسن جي جيڪا صورتحال آهي ان ۾ هو سياست ڇڏي ڏي ۽ پنهنجي وڪيلن سان گڏ وڌيڪ وقت گذاري، جهڙي طرح جو?? حالتون آهن لڳي نه ٿو ته هو گهڻو عرص?? جلسن کي خطاب ڪري سگهندو، ان جي خلاف مضبوط ڪيسز آهن جلد ئي انهن جو فيصلو ٿيندو. هن چيو ته (ن) ليگ جي سياست جي منافقت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته انهن افغانستان جي صورتحال تي ڪا ڳالهه نه ڪئي، هو چاهين ٿا ته نواز ??ري?? برطانيا ۾ خوش رهي ۽ برطانيا ۽ آمريڪا انهن کان خوش رهن. هن چيو ته جهڙي طرح اهي عالمي طاقتن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا اهو شرم جو سبب آهي، شهباز ??ري?? کي گهرجي ته في الحال سياست تي گهٽ ڌيان ڏي ڇو ته سندس پارٽي ۾ اهو ٽاس ٿي رهيو هوندو آهي ته هن مهيني هو صدر آهي، اڳئين ڀيري مريم نواز ۽ ان کان اڳئين ڀيري شاهد خاقان عباسي صدر هوندو.
شهباز شريف لکين ماڻهن جو اسلام آباد ۾ ميڙ ڪرڻ بدران پنهنجي ڀاءُ کي برطانيا مان وطن واپس گهرائي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ