اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ امن، سلامتي ۽ ٺوس سياسي حل اهميت رکندڙ آهي، 40 سا??ن کان جاري افغان تڪرار کي ختم ڪرڻ جو موقعو ضايع نه ڪرڻ گهرجي ته جيئن افغانين کي پائيدار امن، سلامتي ۽ خوشحالي حاصل ٿي سگهي، پاڪستان گڏيل قومن کي افغانستان جي لاءِ انساني مشن ۾ مڪمل تعاون فراهم ڪندو رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سا?? ٽيليفون تي ٻولهه ٻولهه دوران ڪيو، ٻنهي اڳواڻن افغانستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي جنهن ۾ خاص طور تي انساني صورتحال تي ڌيان ڏنو ويو. وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ ٺوس سياسي حل ۽ امن ۽ استحڪام جي اهميت تي روشني وڌي. وزيراعظم چيو ??ه ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغانستان ۾ 40 سا??ا تڪرار کي ختم ڪرڻ جو موقعو ضايع نه ڪرڻ گهرجي ته جيئن افغانين کي پائيدار امن، سلامتي ۽ خوشحالي حاصل ٿي سگهي. وزيراعظم عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان سا?? وڌيڪ ويجها لاڳاپا رکي جنهن ۾ انساني ضرورتن جي حل جي لاءِ اولين ترجيح ۽ معاشي استحڪام يقيني بڻايو وڃي، اهڙن قدمن سا?? نه رڳو سيڪيورٽي کي سگهه ملندي پر افغان شهرين جو پنهنجي ملڪ مان وڏي پئماني انخلا به رڪجي سگهندو ۽ افغانستان ۾ پناهگيرن جي بحران کي روڪي سگهبو. وزيراعظم افغان عوام کي انتهائي ضروري انساني امداد پهچائڻ ۾ گڏيل قومن جي اهم ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم ان حوالي سا?? پاڪستان پاران گڏيل قومن کي انخلا ۽ لڏپلاڻ جي ??وششن ۾ مدد سميت ڏني ويندڙ سهولتن تي روشني وڌي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي پاڪستان جي مينڊيٽ جي پڄاڻي جي حوالي سا?? آگاهه ڪندي پاڪستان پاران انساني همدردي جي بنياد تي افغانستان جي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي آپريشن ۾ مڪمل تعاون جي عزم کي ورجايو.
افغانستان ۾ امن، سلامتي ۽ ٺوس سياسي حل اهميت رکندڙ آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável