اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ??ار?? والاريل ڪشمير ۾ آبادياتي تناسب ۾ تبديلي ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، برطانوي پرڏيهي وزير کي والاريل ڪشمير ۾ ??ار??ي ظلمن، انساني حقن جي خلاف ورزين جي حوالي سان تفصيلي ثبوت پيش ڪيا. لنڊن ۾ برطانيا جي ٽن ڏينهن جي دوري جي پڄاڻي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چ??و ته برطانيا اهم ملڪ آهي ۽ پاڪستان انس ان لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو ??وا??شمند آهي. هن چ??و ته برطانوي هم منصب سان ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، ڪشمير ۽ افغانستان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چ??و ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ آهي، برطانيا سان واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چ??و ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ جوائنٽ ورڪنگ گروپس جوڙڻ جي حوالي سان به برطانوي عملدارن سان ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چ??و ته والاريل ڪشمير ۾ ??ار??ي ظلمن ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي ڳڻتي آهي. هن چ??و ته مون برطانوي هم منصب کي والاريل ڪشمير ۾ ??ار??ي ظلمن جي حوالي سان تفصيلي ثبوت فراهم ڪيا. پرڏيهي وزير چ??و ته برطانيا ۾ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جو وڏو ??نگ رهي ٿو ۽ اهي برطانيا جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
ڀارت والاريل ڪشمير ۾ آبادياتي تناسب ۾ تبديلي ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن